آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن ۾ ڪمند جي 172 روپيا اگهه تي ٺاهه ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن ۾ ڪمند جي گذريل سال واري 172 روپيا اگهه تي ٺاهه ٿي ويو، ٻنهي ڌرين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جي پراڻي اگهه تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس سعيد الدين ناصر تي ٻڌل ڊويزن بئنچ آبادگارن کي عارضي طور ڪمند جو اگهه 172 رپيا ڏيڻ بابت سنڌ سرڪار کان 11 مارچ تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي… عدالت ڪمند جي 182 رپين واري اگهه تي عملدرآمد بابت سنڌ ايگريڪ چر بورڊ ۽ سنڌ آبادگار بورڊ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته شگر ملز ايسوسيئسشن جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي ڪمند جي اگهه واري تڪرار کي عارضي طور حل ڪرڻ لاءِ لکت ۾ تجويز پيش ڪئي. عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته شگر ملز مالڪ ۽ سنڌ سرڪار گڏيل طور آبادگارن کي 172 رپيا ڏيڻ تي تيار آهن ۽ ان سلسلي ۾ 2 فيبروري تي هڪ گڏجاڻي ٿي آهي جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين شگر ملز مالڪ ڪمند جي آبادگارن کي في مڻ تي 160 رپيا ۽ سنڌ سرڪار پاران في مڻ تي 12 رپيا ڏنا ويندا. آبادگارن جي وڪيل سيد مريد علي شاهه ۽ حيدر شيخ چيو ته آبادگار 182 رپين وارو اگهه چاهين ٿا ۽ ان تان هٿ نه ٿا کڻي سگهن جنهنڪري عدالت کي ان فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي. بئنچ جي سربراهه جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته ڪين ڪمشنر کي ڪمند جي اگهه تي عملدرآمد لاءِ هدايت ڪري سگهجي ٿي، پر ان سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڪمند خراب ٿي رهي آهي، اگهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ آبادگارن کي نقصان ٿي رهيو آهي.. عدالت شگر ملز مالڪن جي وڪيل پاران لکت ۾ پيش ڪيل تجويز کي رڪارڊ تي رکندي ڪمند جي اگهه جو تڪرار حل ڪرڻ لاءِ آبادگارن ۽ شگر مل مالڪن وچ ۾ ڳالهين بابت 11 مارچ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *