آبادگارن کي ڪمند جو سرڪاري اگهه نه ملڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو، هزارين ماڻهو شريڪ

ڄامشورو (ڊ.ر) ڪمند جو سرڪاري مقرر ڪيل اگهه 182 روپيا نه ڏيڻ ۽  هڪ هٽي قائم ڪري شگر ملون بند هجڻ خلاف سنڌ حڪومت جي مخالف پارٽين ۽ آبادگارن طرفان ڄامشوري ۾ سپر هاءِ وي تي هزارين ماڻهن جو  ڪنٽينر بيهاري ڌرڻو هنيو جنهن سبب سپرهاءِ وي  8 ڪلاڪن تائين مڪمل طور تي بند رهيو، ڌرڻي جي ڪري ڦيٿو نه ڦريو، ٽريفڪ معطل، سوين گاڏيون بيهجي ويون، مهراڻ يونيورسٽي سامهون ٽي موڙ وٽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي مرڪز جي ميزباني هيٺ هنيل احتجاجي ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪري رهيو هو، جڏهن ته احتجاجي ڌرڻي  ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومت مخالف ڌر جي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، سيد جلال محمود شاهه، ڄام مدد علي، اعجاز علي شاهه شيرازي، عبدالمجيد نظاماڻي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر راحيلا مگسي، اسماعيل راهو، نادر اڪمل لغاري، غازي صلاح الدين، سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، ڊاڪٽر دودو مهيري، وشنو مل سميت قوم پرست مرڪزي اڳواڻ توڙي سڄي سنڌ مان مسلم ليگ ق، مسلم ليگ ن، مسلم ليگ فنڪشنل، پاڪستان تحريڪ انصاف، متحده قومي موومينٽ، حق سچ، سنڌ ساگر پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري ڪائونسل، جسقم بشير خان قريشي، سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سميت ٻين پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ مظاهرين جي هٿن ۾ ڪمند جون ڇڙيون، پارٽين جا جهندا ۽ مطالبا حل ڪرڻ وارا بينر کنيل هئا، احتجاجي مظاهري ۾ عورتن جو وڏو انگ پڻ موجود هو، احتجاجي مظاهري کي مقررين خطاب ڪندي ڪمند جوسرڪار طرفان مقرر ڪيل اگهه1 82 روپيا ڏيڻ، بند پيل شگر ملون کولڻ، شگرملز مالڪن طرفان غير قانوني ڪٽوتي ڪرڻ، ڪمند جي خريداري ۾ دلال جو نظام ختم ڪرڻ، آبادگارن کي پريميئر ڏيڻ، آبادگارن کي ڪمند جون رهيل بقائون ڏيڻ ۽ هر سال 15 آڪٽوبر کان شگرملون چالو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ۽ مطالبا پورا نه ٿيڻ تي ٻيهر 11 فيبروري تي ساڳئي هنڌ ڄامشوري ۾ سپر هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ ۽ ان ڌرڻي کي مطالبو پورو نه ٿيڻ تائين جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو.احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل هزارين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته اسان هي روڊ بند ڪري عوام توڙي مسافرن کي پريشان نه پئي ڪرڻ چاهيو پر حڪمرانن جي بي حسي ۽ سندن مرده روحن کي جاڳائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڇاڪاڻ ته آبادگارن جو مسئلو اسيمبلي ۾ کنيو ويو پر اتي به ڪمند جي مسئلي تي ڳالهائڻ تي ڪورٽ ۾ مسئلو هلندڙ آهي جو چئي اسان جا مائيڪ بند ڪيا وڃن ٿا، منهنجي دور حڪومت ۾ ڪمند جو اگهه 300 روپيا هيو، پر هاڻ هڪ فرد واحد جو شگرملز تي قبضو هڪ مافيا بڻجي وئي آهي، مون وٽ شگر ملز ته ڇا به ڳڙ ٺاهڻ لاءِ هڪ چيچڙو به نه آهي، اڄوڪي احتجاج ۾ ٿر ۽ ڪوهستان جا هزارين ماڻهو شريڪ آهن جن وٽ ڪمند ته ڇا پر پاڻي به نه آهي، پ پ پ اڳ ڀٽن جي پارٽي هئي ۽ هاڻ اها زردارين جي پارٽي آهي. ارباب غلام رحيم چيو ته اڳ ۾ سائين جي ايم سيد اسان کي پاڪستان ڏياريو، هاڻ سيد جلال محمود شاهه صوبائي خودمختياري جي نالي سان وري سنڌين کي ڦاسائي رهيو آهي، پر هر دور ۾ سنڌين کي ڪجهه نه به مليو آهي، وفاق توڙي صوبي وچ ۾ ڳٺ جوڙ جي ڪري سنڌي ماڻهن جا مسئلا حل نه پيا ٿين، اڳ ۾ چوڌري افتخار، آصف رزرداري، ڪياني ۽ ٻين جي پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ۽ هڪ ٻئي کي بليڪ ميلنگ هئي، هاڻ پورا ٻه سال اسان ميان نواز شريف وٽ دانهيو ته هو سنڌ ۽ سنڌين طرف ڌيان ڏئي پر انهن ڪجهه به نه ڪيو ۽ اسان مجبور ٿي الڳ ٿيا سين. اسماعيل راهو جو هت اچڻ سندس وفاق وارن کي پسند نه آيو هوندو، کيس ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته انهن ترن مان تيل نڪرڻ وارو ناهي، ڪمند جي مامري تي ڳالهائڻ تي شرجيل انعام ميمڻ مون 18 آڪٽوبر واقعي واري ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان ڪمند جي مامري تي نه ڳالهائينداسين ته ان الزام کان آجا هونداسين، پ پ پ وارا پرويز مشرف، پرويز ڪياني، امين فهيم، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کي بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جيڪا پڻ دهشتگردي آهي، ان ڪري جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪندس هو انهن دهشتگردن خلاف به ڪارروائي ڪري، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته جيڪڏهن آبادگارن جو مسئلو حل نه ٿيو ته ڪراچي ۾ زرعي ڪانفرنس ڪوٺائڻ کان علاوه 11 فيبروري تي هتي ساڳئي هنڌ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو جيڪو ڌرڻو مطالبي پوري ٿيڻ تائين جاري رهندو، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو ته اڄوڪي هن ڌرڻي سنڌ جي ماڻهن کي اميدن جو سهارو ڏنو آهي،  پ پ پ وارا سدائين غلط فيصلا ڪندا آهن ۽ پوءِ عوام جي سخت رد عمل تي معافيون گهري اهي فيصلا واپس وٺندا آهن ۽ هي فيصلو به جلد واپس وٺندا. اهو سڀ ڪجهه ڪرپشن جي ڪري ٿي رهيو آهي، هاڻ صحت، تعليم، روينيو ۽ ڪمند بعد ڪڻڪ، سارين ۽ ڦٽين ۾ ڪرپشن ٿيندي، اسان ڪرپشن جي مخالف آهيون ان ڪري ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪندي عمران خان جي احتجاجن جي حمايت ڪئي،  سيد جلال محمود شاهه چيو ته ملڪ جو واحد وڏو وزير سيد قائم علي شاهه آهي جيڪو بي وس هجڻ تي پاڻ فخر ڪندو آهي، اڄوڪي احتجاج ۾ شگر ملز جا متاثر ٿيل پ پ پ جا ووٽر به شريڪ آهن پر وٽن پ پ جا جهندا ناهن، ان ڪري وفاقي حڪومت شگر ملز مالڪن جي مونو پولي ختم ڪرڻ لاءِ مداخلت ڪري ڇاڪاڻ ته صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان وٽ به شهيد آهن پر اسان شهيدن جي خونن تي سياست ڪرڻ جا عادي ناهيون، سنڌ جا آبادگار بنا ڪنهن فرق جي گڏ ٿين، سندن مسئلا حل نه ٿيا ته سنڌ جو عوام روڊن تي نڪري ايندو. نواز ليگ سنڌ جي صدر اسماعيل راهو خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪي احتجاج ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ماڻهو پهتل آهن ن ليگ به آبادگارن ۽ سنڌ جي عوام سان گڏ آهي اڄوڪو احتجاج حڪمران لاءِ نياپو آهي ته هڪ سنڌ جي آبادگارن توڙي سنڌ جي عوام جا مسئلا حل ڪن نه ته سنڌ مان سندن تڏا ويڙهه ٿي ويندي، سنڌ ۾ گذريل 7 سالن کان سنڌ جي صنعت تي قبضو ڪيو ويو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ نادر اڪمل لغاري خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ۾ شگر ملون 182 ۽ 183 روپين عيوض ڪمند خريد ڪري رهيون آهن پر لاڙ ۽ وچولي سنڌ ۾ خبر ناهي شگر ملز مالڪن جي ڇو هڪ هٽي آهي، جنهن سان سنڌ جي زرعي معشيت تباهه ٿي رهي آهي، اسان جي ملڪ جي اڪثريت آبادي جو گذارو زراعت تي آهي اسان جي معشيت ۾ زراعت ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، پر افسوس جو اسان وٽ زراعت، ان تي تحقيق، جديد مشينري جي گهرجن تي ڪوبه ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي، اڳي ڀٽي جي دور ۾ پ پ پ جي حمايت ۾ ڌرڻا لڳندا هئا ۽ هاڻ ان جي قيادت جي غلط پاليسين سبب پ پ پ خلاف ڌرڻا لڳي رهيا آهن،  اڄ جو نوجوان تبديلي چاهي ٿو اهو پي ٽي آءِ طرف اچي رهيو آهي، تبديلي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ انهن سان ملي جدوجهد ڪنداسين. جيئي سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سنڌ شناسي جي ڳالهه ڪندو هو ته کيس غدار چيو ويندو هو پر اڄ سنڌ جو هر ماڻهو اڄ ان ڳالهه تي متفق آهي ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جڏهن مختلف طريقن سان خدائي عذاب ايندا آهن ته قومون  تباهه ٿي وينديون آهن هن وقت سنڌي قوم مٿان پ پ پ عذاب الاهي جيان آيل آهي، جيسيتائين سنڌي ماڻهو متحد تي ڀرپور جدوجهد نه هلائينداسين تيستائين اسان مٿان اهو نازل عذاب الاهي ختم نه ٿيندو، نوجوان شهريار مهر سيد قائم علي شاهه کي جانٺو هنيو آهي ڪامياب ويندو، ڪمند جي اگهه تي سنڌ جي آبادگارن سان جسقم گڏ آهي ڇاڪاڻ جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ روڊن واري جدوجهد تي يقين رکندو هو ۽ اسان به هر ڏک سک ۾ عوام سان گڏ آهيون. متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ غازي صلاح الدين خطاب ڪندي چيو ته ڪومت آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اڄوڪي احتجاج سان دوا پي سُتل سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ننڊ مان نه جاڳيو ته کيس جاڳائڻ لاءِ اسان وزير اعليٰ جو رخ ڪنداسين، سنڌ ۾ شهر تباهه ٿي ويا آهن، ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي، سرڪاري زمينون قبضو ٿي رهيون آهن، ملڪ جي ٻين صوبن ۾ پ پ پ کي گذريل عام چونڊن دوران عوام رد ڪيو، سنڌ ۾ به اهڙي صورتحال رهي ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ ۾ پ پ پ ۽ زرداري خاندان کي عوام رد ڪري ڇڏيندو.  غازي صلاح الدين چيو ته سنڌ ۾ مهاجر سنڌي جهيڙا ڪرائي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن پر اسان انهن کي ناڪام بڻائينداسين، اڄوڪي هن اجتماع ۾ هڪ نئون اتحاد پيدا ٿيو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي، اردو، پنجابي، پٺاڻ،سرائيڪي، امير غريب، سياستدان، سماج سڌارڪ سڀ گڏ بيٺل آهن. پاڪستان مسلم ليگ جي اڳواڻ ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌين سان هر ڏکئي وقت ۾ ساٿ رهندو، سنڌ جي خوشحالي لاءِ زندگي جي آخري دم تائين جدوجهد جاري رکنديس، وزير اعظم ميان نواز شريف کي چوان ٿي ته اکيون کوليو، سنڌ ۾ اچو، سنڌين جا مسئلا حل ڪيو، عوام جو ساٿ ڏيو. سيد اعجاز علي شاهه شيرازي چيو ته سنڌ جي عوام سان ظلم ٿي رهيو آهي، ان ظلم جو شڪار اسان پاڻ رهيا آهيون، جيڪو عوام جو دشمن آهي اهو ملڪ جو دشمن آهي ان ڪري ڪيتريون به لالچون ڏيو پر ملڪ ۽ عوام جي دشمنن سان ٺاهه نه ڪنداسين، ٺٽي، سجاول ۽ ڄامشوري جون سرڪاري زمينون قبضا ڪري ڪوڙن کاتن ذريعي وڪرو ڪيون پيون وڃن، ذوالفقار آباد رٿا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي، سنڌي ماڻهو پنهنجو قدر ڪيو شيرازي ڀائر اوهان سان گڏ آهن، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته سنڌ ۾ صحت، تعليم ۽ زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ جي آبادگارن کي مهانگائي ۽ جنسن جا مناسب اگهه نه ملڻ ڪري  گهاڻي ۾ پيڙهيو پيو وڃي، اسان وزيراعظم ميان نواز شريف کي چئون ٿا ته هو آبادگارن جا مسئلا حل ڪري ايئن نه ٿئي هو هتي ٻاريل باهه پنجاب تائين پهچي وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ عبدالمجيد نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي آبادگارن هر دور ۾ مسئلن جي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اسيمبلين، ڪورٽن توڙي احتجاجن باوجود اسان جا مسئلا ۽ مطالبا حل ناهن ٿيا، هن چيو ته اسان آبادگارن سان پ پ پ جي حڪومتن ۾ ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، هن وقت به سنڌ ۾ وڌ ۾ وڌ شگر ملون پ پ پ سربراهه آصف علي زرداري جون آهن ان ڪري کيس گذارش آهي ته ڪجهه نرمي جو مظاهرو ڪري سنڌ جي آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ ڪمند جو مناسب اگهه ڏنو وڃي، احتجاجي ڌرڻي کي روشن علي ٻرڙو، مير مولابخش لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، احتجاجي ڌرڻي دوران امڪاني دهشتگردي ۽ گڙٻڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ايڌي طرفان پڻ جهيڙي يا حادثي جي ڪري ايمبوليسون بيهاري ڇڏيون هيون، احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نادر اڪمل لغاري خطاب دوران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخ خاڪن جي فرانس ۾ اشاعت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *