آئٽم گيتن ۾ عورت جي جسم جي نمائش ڪئي ويندي آهي: شبانه اعظمي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا شبانه اعظمي فلمن ۾ آئٽم گيتن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته آئٽم گيت عورت کي مرد آڏو جهڪائين ٿا ۽ انهن ۾ عورت جي جسم جي نمائش ڪئي ويندي آهي.هڪ مباحثي ۾ ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته اڪثر اداڪارائون آئٽم گيتن کي جشن سمجهن ٿيون، پر منهنجي خيال ۾ اهو سچ نه آهي. مان فلمن ۾ هنن گيتن کي عورت جو مرد جي نگاهن ۾ ڪرڻ سمجهان ٿي. هن چيو ته مان فلمن ۾ هنن گيتن کي عورت جو مرد جي نگاهن ۾ ڪرڻ سمجهان ٿي. هن ٻڌايو ته آئٽم گيت فلمن ۾ صرف ذهن کي تسڪين ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهن.هن چيو ته مک اداڪارائن جو هنن گيتن تي اطمينان ڏيکارڻ تي مون کي اعتراض ناهي، اهي ڀلي پاڻ کي دلي طور سڪون ڏين، پر مان ان معاملي تي ٻيو موقف رکان ٿي. هن چيو ته آئٽم گيتن ۾ عورت جي جسم جي نمائش ئي ته هوندي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *