آئي سي سي 2015ع لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽي پاڪستاني رانديگر به شامل

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل 2015ع لاءِ ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،جنهن ۾ يونس خان سوڌو 3 پاڪستاني به شامل آهن. آئي سي سي پاران جاري بيان مطابق 18 ڊسمبر 2014ع کان 13 ڊسمبر 2015 تائين رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيمن لاءِ راندگيرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.2015ع لاءِ چونڊيل ٽيسٽ ٽيم لاءِ انگلينڊ جي اليسٽر ڪڪ کي ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڊيوڊ وارنر ڪين وليمسن، جوئي روٽ،اسٽيورٽ براڊ، ٽرينٽ بولٽ، جوز هيزلي ووڊ ۽ اسٽيون اسمٿ شامل آهن، جڏهن ته ڀارت جي روي چندرن ايشون کي 12 رانديگر جي حيثيت تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. آئي سي سي پاران 3 پاڪستاني رانديگرن کي به 2015 جي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ماهر بيٽسمين يونس خان، اسپنر ياسر شاهه ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد شامل آهن.انکانسواءِ آئي سي سي 2015ع جي لاءِ ون ڊي ٽيم جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪو به پاڪستاني رانديگر شامل ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *