آئي سي سي پاران ٽي ٽوئنٽي جي رينڪنگ جاري،ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري پاران ٽي ٽوئنٽي جي نيئين رينڪنگ جاري،جنهن سبب 8 نمبر تي موجود ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين نمبر تي اچي وئي.آئي سي سي پاران جاري ڪيل رينڪنگ مطابق ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ آسٽريليا کي وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم 10 درجا ترقي ڪري اٺين کان پهرين پوزيشن تي اچي وئي.جڏهن ته سيريز ۾ مات کائيندڙ آسٽريلوي  ٽيم ٻي کان اٺين نمبر تي هلي وئي،ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا 118،118 پوائنٽن سان ٻئين ۽ ٽئين نمبر تي موجود آهي، جڏهن ته انگلينڊ 4، نيوزيلينڊ پنجين،ڏکڻ آفريڪا 6 ۽ پاڪستان ستين نمبر تي موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *