آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ جاري،آسٽريليا پهرين نمبر،قومي ٽيم جي 8 پوزيشن

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت خلاف سيريز 4 هڪ تان ڪاميابي کانپوءِ ون ڊي فارميٽ ۾ ڪينگروز جي بادشاهي مضبوط.تفصيل مطابق ڪرڪيٽ جي عالمي اداري آئي سي سي پاران ون ڊي رينڪنگ جاري ڪئي وئي.ڀارت کان 1-4 تان سيريز کٽيندڙ آسٽريليا جي پهرين پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿي وئي آهي.جڏهن ته ڀارت ون ڊي رينڪنگ ۾ ٻئين نمبر تي،ڏکڻ آفريڪا ٽين نمبر،جڏهن ته نيوزيلينڊ چوٿين نمبر تي آهي.هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ سريلنڪا جو 5 نمبر،انگليند 6 بنگلاديش 7 ۽ پاڪستاني ٽيم 8 نمبر تي اچي پهتي.ويسٽ انڊيز 9 ۽ افغانستان جي ٽيم ڏهين نمبر تي پهچڻ ۾ ڪامياب پڻ ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *