آئي جي سنڌ اين اي 246 جي ضمني چونڊ لاءِ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ اڱاري تي سينٽرل پوليس آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊ لاءِ سيڪيورٽِ پلان کي حتمي شڪل ڏني ويئي اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊي آءِ جي آر آر ايف ٽريفڪ اسپيشل برانچ ايس آڙ ٽي سي آءِ سميت زونز جا ڊي آءِ جيز ايس ايس پيز ۽ ايس پيز شرڪت ڪئي تڪ اين اي 246 جي ضمني چونڊن جي موقعي تي 5500 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي تي مقرر هوندا اليڪشن جي سيڪيورٽي ڊيوٽي 15 ايس ايس پيز ۽ ايس پيز 9 ڊي ايس پيز ۽ 18 ايس ايڇ اوز شامل هوندا تڪ اين اي 246 ۾ 55 عمارتن کي سيڪيورٽي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي جنهن تي اهلڪار مقرر هوندا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته علائقي ۾ چونڊيل سمورن پوائنٽس تي بختربند بلٽ پروف گاڏيون ۽ مانيٽرنگ گاڏيون موجود هونديون پوليس ڪمانڊوز ۽ اينٽي ٽيريزم فورس جا اهلڪار هاءِ الرٽ هوندا آءِ جي سنڌ جي حڪمن تي آر آر ايف ۽ ايس ايس يوز جا ڪمانڊوز به سيڪيورٽِ نڀائيندا آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ان موقعي تي اعليٰ آڦيسرن کي هدايتون ڪيون ته ضمني چونڊ ۾ سيڪيورٽِ ڊيوٽي تي مقرري کان اڳ آفيسرن ۽ اهلڪارن سان ملاقات ڪن ۽ کين ڀرپور نموني سان سيڪيورٽِ ڊيوٽي نڀائڻ جون هدايتون ڪن جڏهن ته ان دوران اليڪشن ۾ ڪنهن به قسم جي لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *