آئين ۾ وزيراعظم جي سولو فلائيٽ جي گنجائش ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ وفاقي ڪابينه کي باءِ پاس ڪرڻ جي وزيراعظم جي اختيار کي ڪالعدم ڪرڻ جي خلاف حڪومت جي نظرثاني ۽ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي جمعي تي جسٽس ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ ٽه رڪني بئنچ حڪومت جي نظرثاني ۽ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ااٽآرجي جنرل پاڪستان حڪومتي اپيل تي دليل ڏيندي چيو ته حڪومتي معاملن جي لاءِ مضبوط وزيراعظم جي ضرورت آهي جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئين ۾ وزيراعظم جي سولو فلائيٽ جي ڪابه گنجائش نه آهي ٽيڪس رعايت ۽ ليوي ٽيڪس جو نفاذ وفاقي حڪومت جو اختيار آهي آئين ۾ ڪٿي به ناهي لکيل ته وزيراعظم يا ڪو وزير يا صلاحڪار اڪيلو وفاقي حڪومت آهي. رولز ڪڏهن به آئين کان مٿانهون نٿو ٿي سگهي جج سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم جي ڪابينه جي منظوري جي بغير جو چاهي ڪري سگهي ٿو اٽارني جنرل چيو ته هر وفاقي وزير  وفاقي حڪومت چورائيندو ان تي جج چيو ته آئين ۾ وفاقي حڪومت جي تعريف بيان نه ڪئي ويئي وفاقي حڪومت ڪابينه جي ميڙ کي چيو وڃي ٿو ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ وزيراعظم نوازشريف پاران ڪابينه کي باءِ پاس ڪرڻ جي معاملي تي وفاق جي نظرثاني اپيل رد ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *