آئين کي نه مڃيندڙن جا ڪي به بنيادي حق ناهن هوندا: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته بنيادي حق رڳو انهن جا هوندا آهن، جيڪي آئين کي مڃيندا آهن ۽ جيڪي آئين کي ناهن مڃيندا، انهن جا بنيادي حق ناهن هوندا، فوجي عدالتن مان سزا مليل قيدين جي اپيلن جي ٻڌڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عاصما جهانگير جو موقف هو ته کين سندس اصيلن جي رڪارڊ تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي،جيڪا انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، هن چيو ته اسان وٽ اميد جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ آخري فورم آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جو ملڪ بدترين دهشتگردي جو شڪار آهي، هر ايندڙ ڏينهن پاڪ فوج جا جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، ماڻهن کي ميڙ سامهون بيهاري سزائون ڏنيون پيون وڃن، ملڪ ويڙهه جي حالت ۾ آهي،ان کان اکيون پوري نه ٿا سگهون، هن چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته ملڪ سان سڀ کان وڌيڪ وفادار ڪير آهي، جيڪي آئين کي مڃيندا ئي ناهن، انهن جا حق ناهن هوندا، بنيادي حق رڳو انهن جا هوندا آهن، جيڪي آئين کي مڃيندا آهن،چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل جو موقف ٻڌي رڪارڊ تائين پهچ جي حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي فيصلو ڪيو ويندو ، جنهن کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي اربع تائين روڪي وئي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *