آئين ٽوڙڻ سرپرائيز نه پر غداري آهي، عمران جي بغاوت کي روڪيو وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آئين ٽوڙڻ سرپرائيز نه پر غداري آهي آئين ٽوڙڻ مذاق نه آهي عمران خان پارليامينٽ جي 70 سيڪڙو 197 ميمبرن کي غدار چئي رهيو آهي ضروري آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٻين ماڻهن جو موقف به سامهون اچي عمران خان پاران قومي سلامتي ڪميٽي کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ افسوسناڪ آهي اسان صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِت يار آهيون جيڪڏهن اسان ائين ٽوڙي چونڊن ڏانهن وڌون ته ڪوئي صاف ۽ شفاف چوندن جي اهتمام تي يقين نه ڪندو بي بي سي کي ڏنل انترويو۾ بلاول ڀتو زرداري چيو ته هن پاڪستاني فوج کان وضاحت جو مطالبو انلاءِ ڪيو ته جيئن ادارا پنهنجو موقف واضح ڪن ۽ ٻڌائين ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ 197 ميمبرن کي غدار قرار ڏنو ويو هن چيو ته هن اجلاس جا ميٽنگ منٽس موجود هوندا يا اهي ادارا پاڻ به ان حواليس ان وضاحت ڏئي سگهن ٿا ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ بحث هيٺ ايندڙ ڌمڪي واري خط جي معاملي ۾ حقيقت ڇا آهي هن چيو ته قومي سلامتي اجلاس جو جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ ڪنهن ٻاهرين سازش جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي هن پڌرائي ۾ غير سفارتي زبان ۽ ملڪ جي اندرين معاملن ۾ غير ضروري مداخلت جو ذڪر ٿيو ته هي معاملو نه رڳو عوام پر عدليه جي سامهون واضح ٿيڻ ضروري آهي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان هن غير سياسي فورم کي پنهنجي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو افسوسناڪ آهي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هي بهانو استعمال ڪندي آئين ٽوڙيو آهي ۽ بي اعتمادي رٿ کان ڀڳو آهي جيڪو ڪجهه پارليامينٽ ۾ ٿيو اوهان ڇا سمجهو ٿا ته ان کي واپس ڪرڻ بنا چونڊن ۾ ڇا حرج آهي؟ بلاول ڀٽو جو انبابت چوڻ هو ته اسان ته ڪافي عرصي کان وزيراعطم عمران خان جي سليڪٽڊ حڪومت کي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ڪري رهيا هئاسين ڇو ته ان جي حڪومتجي نتيجي ۾ ملڪ ۾ هڪ معاشي بحران پيدا ٿيو ۽ هر پاڪستان بيروزگاري غربت ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي هن چيو ته اسان هن حڪومت جي خلاف ڄمي 3 سال مقابلو ڪيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو تها سان هن حڪومت جي خلاف نه صرف پارليامينٽ کان ٻاهر پر اندر به مقابلو ڪنداسين ۽ عدم اعتماد آڻي ان جي حڪومت کي ختم ڪرڻو آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن قدم سان اسان ان جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن اسان عام اپوزيشن جي سياست ڪيون ها ته اسان کي ان ڳالهه تي ئي خوش ٿي وڃڻ گهرجي ها پر اسان چاهيون پيا ته آئيني طريقي سان حڪومت ختم ٿئي ۽ اسان جمهوري طريقي سان هڪ صاف ۽ شفاف چوندن طرف وڌون. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان جيڪڏهن ڪوئي غير آئيني ۽ غير جمهوري قدم کڻي ته هي ان لاءِ ڪائي غير متوقه ڳالهه نه آهي پر سچ اهو آهي ته حڪومت جنهن کي سرپرائيز چئي رهي آهي اهو آئين ٽورڻ  آهي ۽ اوهان آئين ٽوڙڻ کي سرپرائيز نٿا چئي سگهو هن چيو ته آئين ٽوڙڻ ڪا مذاق نه آهي هي غداري جو جرم آهي ۽ آرٽيڪل 6 جي ڀڄڪڙي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *