آئيني گهرج آهي ته سيڪيورٽي ادارا عمران خان کي وزيراعظم طور ڊيل نه ڪن: فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني گهرج آهي ته سيڪيورٽي ادارا عمران خان کي وزيراعظم طور ڊيل نه ڪن هڪ بيان ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته سفير جي ڪيبل ۽ سيڪيورٽي معاملن تي عسڪري قيادت اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺي سيڪيورٽِي جي بريفنگ جو قانوني مستحق هاڻي عمران خان نه آهي مولانا فضل الرحمان گهر ڪئي ته سپريم ڪورٽ ڊي جي آئي ايس آئي کي گهرائي بريفنگ وٺي حقيقت ڇا آهي عمران خان جي خلاف اسيمبلي جي اڪثريت عدم اعتماد ڪري چڪي آهي عمران خان هن ملڪ جو قانوني وزيراعطم ناهي رهيو هن چيو ته صدر ۽ عمران خان آئين ٽوڙيو آهي هڪ هڪ منٽ ملڪ لاءِ ڳرو ثابت ٿي رهيو آهي هن ڊرامي جو ڊراپ سين ترت ٿيڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *