آئيني ضمانت باوجود وفاق سنڌ کي وسيلن کان محروم پيو ڪري، خاطرين باوجود استحصال جاري آهي: مرتضٰي وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ کي ڏني وئي ضمانت جيڪا آئين ۾ لکيل آهي ان جي بر خلاف سنڌ کي ان وسيلن کان محرو ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.هن چيو ته سنڌ کي پهريون قدرتي گيس جي بندش سان محروم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ملڪي پيداوار جو 70 سيڪڙو قدرتي گيس جو حصو سنڌ فراهم ڪري ٿو ۽ وري سنڌ کي انهي جي پاڻي کان به محروم ڪيو ويو ۽ اڄ ظلم آهي ته بجلي جي بندش سان شهر  جا سمورا ڪاروبار زندگي ٺپ ٿي ويو آهي.اڄ سنڌ اسيمبلي به بجلي کان محروم آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سليڪٽيڊ حڪومت کان ڪو به سوال ڪرڻ واروناهي ته بجلي جهڙي بنيادي ضرورت کي به ڪراچي جي شهرين لاءِ بندش آهي.تحريڪ انصاف جي حڪومت مني بجيٽ ۾ هڪ ٻي ايمنسٽي اسڪيم ڏني آهي جنهن جو فائدو چند مخصوص ماڻهن کي پهچي رهيو آهي جڏهن ته عام ماڻهو لاءِ زندگي اجيرڻ ڪري ڇڏي آهي. ٻارن جي کير ضرورت جون لازمي شين تي ٽيڪس مڙهي وڌيڪ مهنگائي ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته گيس جي بندش تي گورنر سنڌ ۽ وفاقي وزير ايئن نه ٿيڻ جو يقين ڏياريو هيو مگر اهي وائدا وفا نه ٿيا گهٽ ۾گهٽ پنهنجي واعدن کي ته پاس ڪيو وڃي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي صلاحڪار اطلاعات چيو ته سنڌ ۾ بجلي جي بندش سان مسئلن ۾ اضافو ٿيو صنعت جو ڦيٿو بجلي سان هلندو آهي ۽ بجلي ئي نه هوندي ته ڪارخانا ڪهڙي طرح هلندا ۽ اها خطرناڪ صورتحال روزگار تي به اچي رهي آهي مگر حڪمرانن جي سر تي جون تائين نه ٿي رينگي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي درخواست تي ڪو به عمل نه ٿو ڪيو ويو ۽ اسان جي پاڻي جو جائز حصو نه ٿو ڏنو وڃي  جنهن سان سنڌ جي زراعت جو شعبو زبون حالي طرف وڃي رهيو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *