آئيني ترميمن جو مقصد مسجدن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائڻ ناهي: چوڌري نثار

لاهور(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نٿار علي خان چيو آهي ته فوجي عدالتون قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو مقصد مسجدن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائڻ ناهي پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان چيو ته آئيني ترميم جو مقصد مسجدن ۽ مدرسن کي نشانو بڻائڻ ناهي۽ مدرسن کي مڪمل تحفظ ڏنو ويندو هن چيو ته مذهبي اڳواڻن کي موجوده صورتحال تي اعتماد ۾ ورتو ويندو ۽ ان حوالي سان تمام جلد مذهبي اڳواڻن ۽ مدرسن جي عالمن جو اجلاس گهرايو ويندو، ان موقعي تي حافظ طاهر اشرفي جو چوڻ هو ته مدسن ڪڏهن به دهشتگردي جي حمايت ناهي ڪئي ۽ سموريون مذهبي قوتون مسجدن، مدرسن ۾ دهشتگردي خلاف حڪومت ۽ فوج سان گڏ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *