آءِ پي ايل 9 ۾ سلو اوور ريٽ سبب ويرات ڪوهلي تي 24 لک رپيا ڏنڊ لاڳو

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز)  رائل چئلينجرز بنگلور جي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽسمين ويرات ڪوهلي تي هلندڙ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي نائين ايڊيشن “ ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز خلاف ميچ ۾ سلو اوور ريٽ سبب 24 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو. آءِ پي ايل جي گورننگ ڪائونسل طرفان جاري بيان مطابق بنگلور جي ٽيم ڪولته خلاف ميچ ۾  مقرر وقت ۾ اوور ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي جنهن سبب ٽيم جي ڪپتان ڪوهلي تي 24 لک رپيا جڏهن ته ٽيم جي ٻين رانديگرن تي  6، 6 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪوهلي کي هلندڙ ايڊيشن دوران ٻيو ڀيرو سلو اوور ريٽ سبب ڏنڊ پيو آهي، جيڪڏهن ٽيون ڀيرو سلو اوور ريٽ ٿيو ته ڪوهلي کي هڪ ميچ جي پابندي درپيش ٿي سگهي ٿي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *