آءِ پي ايل جو نائون ايڊيشن 9 اپريل کان شروع ٿيندو، ممبئي انڊينز اعزاز جو دفاع ڪندي

دهلي (اسپورٽس نيوز)انڊين پيريميئر ليگ جو نائون ايڊيشن 9 اپريل کان شروع ٿيندو جنهن ۾ 8 ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون. ممبئي انڊينز ٽائيٽل جو دفاع ڪندي. 29 مئي تائين جاري رهندڙ ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ٽيمن ۾ ممبئي انڊينز، رائيزنگ پوني، سپر جوائنٽس، ڪولڪته نائيٽ رائيڊرز، دهلي ڊيئر ڊيولز، ڪنگز اليون پنجاب، گجرات لائينز، رائل چيئلينجرز، بنگلور ۽ سن رائيزرس حيدرآباد شامل آهن. ليگ ۾ فائينل سميت 60 ميچون کيڏيون وينديون. شروعاتي ميچ ممبئي انڊينز ۽ رائيزنگ پوني سپر جوائنٽس وچ ۾ کيڏي ويندي. ممبئي انڊينز کي ٻه دفعا ٽائيٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي. 22 مئي تي آخري ليگ ميچ کيڏي ويندي جڏهن ته ڪواليفائر ون 24 مئي ايليمينيئرز 25 مئي، 27 مئي تي ڪواليفائر ٽو، جڏهن ته 29 مئي تي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائينل ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *