آءِ سي سي کي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ کي گڏيل طور فاتح قرار ڏيڻ گهربو هو: ڪيوي ڪوچ

 

لنڊن ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جي تاريخ جي سخت ترين فائنل مقابلي ۾ شڪست کائيندڙ نيوزيلينڊ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ آءِ سي سي کي مشورو ڏنو آهي ته مستقبل ۾ فائنل ميچ جو سئو اوورن ۾ به فيصلو نه ٿي سگهي ته ٻنهي ٽيمن کي گڏيل طور فاتح قرار ڏنو وڃي.ڪيوي ڪوچ  چيو ته آءِ سي سي کي ڪيترن ئي معاملن جو ٻيهر جائزو وٺڻ گهرجي، جنهن لاءِ آئون سمجهان ٿو ته هي صحيح وقت آهي، اهو سمجهه کان ٻاهر آهي ته 50 اوورن جي راند جو فيصلو هڪ اوور ۾ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو.گيري چيو ته جن قانونن مطابق گذريل ستن هفتن کيڏي رهيا هئاسين ته پوءِ آخري ڏينهن لاءِ نئون قانون ڇو ٺهيو؟  هن چيو وڌيڪ چيو ته موجودا قانون جيڪي به آهن اسان کي ان مطابق هلڻو پوندو آهي اميد آهي ته بحث جلد ختم ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *