آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ بابراعظم جي تنزلي

دبئي(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ٽي توئنٽي ريڪنگ ۾ بابراعظم هڪ درجو تنزلي سان چوٿين نمبر تي اچي ويو.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران نئين ٽي 20 ريڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب رانديگرن ۾ ڊيوڊ ميلان پهرين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته 2 درجا ترقي سان ايرون فنچ ٻئين جڏهن ته ڀارت جو لوڪيش راهول هڪ درجو ترقي سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم جي هڪ درجي سان تنزلي ٿي آهي، هو ٽئين کان چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي، ان کان علاوه راسي وين ڊر ڊوسين پنجين، ويرات ڪوهلي ڇهين، گلين ميڪسويل ستين، مارٽن گپٽل اٺين، حضرت الله زازئي نائين ۽ ايون مورگن ڏهين نمبر تي آهي.بالرز ۾ افغانستان جو راشد پهرئين، تبريز شمسي ٻئين، مجيب الرحمان ٽئين نمبر تي آهي، ڪو به پاڪستاني ٽاپ ٽين ۾ شامل ناهي، آل رائونڊرن ۾ محمد نبي اڳيان آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *