آءِ سي سي وٽان انصاف نه مليو ته ڀارت خلاف عدالت وينداسين: شهريان خان جو اعلان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي چيئرمين شهريان خان چيو آهي ته پي ايس ايل جي ٻئي ايڊيشن جي ڪامياب ٿيڻ تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد ڏيان ٿو، پي سي بي چيئرمين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايندڙ پي ايس ايل جو فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو، هن چيو ته ويجهي مستقبل ۾ پاڪ-ڀارت سيريز جو ڪوبه امڪان ناهي، سمجهوتي تحت 6 سيريز کيڏڻيون هيون، شهريار خان چيو ته پي ايس ايل جي ٽئين ايڊيشن لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن، هن چيو ته پي ايس ايل 3 جون ميچون پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ٿينديون، پاڪستان سپر ليگ جو فوري آڊٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪ ڀارت سيريز لاءِ آءِ سي سي ۾ آواز بلند ڪنداسين، سندس چوڻ هو ته قانوني رستو اختيار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي بچيو، پهريان ڀارتي بورڊ کي نوٽيس ڏينداسين پوءِ آءِ سي سي جي تڪراري ڪميٽي ۾ وينداسين، هن چيو ته ايم او يو سائن ٿيڻ باوجود 6 سيريز مان 2 ضايع ٿي چڪيون آهن، سندس چوڻ هو ته اپريل ۾ آءِ سي سي جو اجلاس ٿيندو، اسان جو ڪيس مضبوط آهي اسان کي ملين ڊالرن جو نقصان ٿي چڪو آهي، پي سي بي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي ڪميٽي ۾ مسئلو حل نه ٿيو ته پوءِ عدالت وينداسين، هن چيو ته مودي جي رويي مان اهو ئي ٿو لڳي ته اهي اسان سان ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ تيار ناهن، سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته پاڪستان جي بايو مڪينيڪل ليبارٽري آءِ سي سي رينڪنگ ۾ اچي ويندي، هن چيو ته جائلز ڪلارڪ پاڪستان مان گهڻو خوش ٿي ويو، جائلز ڪلارڪ چيو ته سيپٽمبر ۾ ورلڊ اليون پاڪستان ۾ 4 ميچون کيڏندي. شهريان خان 2018ع ۾ پي سي بي کان ڪناره ڪشي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ گهڻو سٺو ڪم ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته محمد عرفان پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪيو آهي، عرفان کان سواءِ ٻيو ڪنهن به ڏوهه جو اعتراف ناهي ڪيو، جون ۾ ورلڊ ڪپ ٿي رهيو آهي اسان جي ٽيم ان لاءِ تياري ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *