آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ جي ڀارت کي 62 رنسن تان شڪست

ڪراچي (اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ ڀارت کي 62 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، هوم ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 260 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ڀارتي ٽيم 198 رنسن تي ڍير ٿي وئي. هيملٽن ۾ ڀارت خلاف هوم ٽيم جي پهرين وڪيٽ 9 رنسن تي ڪري پئي پر پوءِ سندس بيٽسمينن سٺي بيٽنگ ڪئي، صوفي ڊيوائن 35، ايميليا ڪير 50 ​​رنسون ٺاهيون. ايمي سيٽر ويٽ 75 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ڪيٽي مارٽن به 41 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ جو اسڪور 9 وڪيٽن جي نقصان تي 260 رنسون هو، پوجا ويسٽ راڪر 4 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڀارت جي بيٽنگ لائن ڪيوي بالرز آڏو پراعتماد بيٽنگ نه ڪري سگهي، صرف هرمن پريت ڪور 71 رنسن جي سٺي اننگز کيڏي پر ان جي باوجود ٽيم 198 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ايميليا ڪير ۽ ليه تاهو 3-3 وڪيٽون ورتيون، نيوزيلينڊ 62 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري 2 پوائنٽس حاصل ڪيا. ميگا ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٽيون ميچ سڀاڻي ڏکڻ آفريڪا خلاف مائونٽ منگنائي ۾ کيڏندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *