آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ (اڄ) هڪ ميچ کيڏي ويندي، انگلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ مقابلو ٿيندو

بنگلور (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اڄ خميس تي هڪ ميچ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ گروپ بي ۾ شامل انگلينڊ ۽ بنگلاديش جون وومين ٽيمون ايم چنا سوامي اسٽيڊيم بنگلورو واري هنڌ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ پاڪستاني معياري وقت موجب 3 وڳي شروع ٿيندي. تفصيل موجب آسٽريلوي ٽيم کي مسلسل ٽيون ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي ۽ اها مسلسل چوٿون ڀيرو ٽائيٽل جو دفاع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ٽورنامينٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي مهم جي شروعات 16 مارچ تي ويسٽ انڊيز خلاف گروپ ميچ سان ڪئي. پاڪستاني وومينز ٽيمن پنهنجي ٻي ميچ 19 مارچ تي روايتي مخالف خلاف ٽين ميچ 24 مارچ بنگلاديش جڏهن ته چوٿين ۽ آخري گروپ ميچ 27 مارچ تي انگلينڊ خلاف کيڏندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *