آءِ سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ جي نئين ريڪننگ جاري ڪري ڇڏي، پاڪستان جي 2017 چئمپينز ٽرافي ۾ شرڪت جي تصديق

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ون ڊي ڪرڪيٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪندي پاڪستان جي 2017 جي چئمپينز ٽرافي ۾ شرڪت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. بنگلاديش خلاف سيريز ۾ 0-3 جي شڪست کانپوءِ پاڪستان عالمي درجا بندي ۾ نائين پوزيشن تي پهتو هيو جنهن کانپوءِ قومي ٽيم جي 2017 جي آءِ سي سي ايونٽ ۾ شرڪت مشڪوق ٿي وئي هئي پاڪستان جو آءِ سي سي رينڪنگ ۾ شرڪت لاءِ بنگلاديش ۽ ويسٽ انڊيز سان مقابلو هيو جتي ان کي 30 سيپٽمبر 2015 کان اڳ 8 درجي تي پهچڻو هيو پاڪستان پهريان زمبابوي ۽ پوءِ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ڪاميابي ماڻي ايونٽ ۾ شرڪت جا امڪان چٽا ڪري ورتا هئا اظهر علي اليون هن وقت آءِ سي سي جي درجابندي ۾ اٺين نمبر تي موجود آهي. ان کان پوائنٽس هيٺ بيسٽ ايڊين پهريون ڀيرو ناڪام ٿي 8 ملڪي چئمپينز ٽرافي پهرين کان 18 جون 2017 تائين انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا، انگلينڊ، سريلنڪا، نيوزيلينڊ ، پاڪستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون شرڪت ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *