آءِ سي سي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، بنگلاديش پاڪستان کان مٿي اچي ويو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ون ڊي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي هيٺ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هاڻي آءِ سي سيءَ پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ بنگلاديس پاڪستان کان مٿي اچي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تاريخ جي خراب ترين نائين پوزيشن تي اچي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ايندڙ ڪرڪيٽ چيمپئنز ٽرافي ۾ به پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي شرڪت شَڪي ٿي وئي آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران جاري ڪيل نئين رينڪنگ ۾ پاڪستان بنگلاديش کان هيٺئين نمبر تي اچي ويو آهي جنهن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽ جي شوقينن جون دليون پڻ ويهي ويون آهن. آءِ سي سيءَ جي نئين رينڪنگ کان پوءِ 2017ع ۾ ٿيندڙ چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت تي به سواليه نشان لڳي ويو آهي. ان چيمپئنز ٽرافي ۾ 30 سيپٽمبر 2015ع تائين جون 7 ٽيمون ۽ ميزبان انگلينڊ حصو وٺي سگھندي، پر جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي چيمپئنز ٽرافي کيڏڻي آهي ته ان کي زمبابوي ۽ سريلنڪا خلاف سيريز ۾ لازمي طور ڪاميابي ماڻڻي پوندي. آءِ سي سيءَ جي نئين رينڪنگ موجب ورلڊ چيمپئن آسٽريليا پهرين، ڀارت ٻين جڏهن ته نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي پوئتي ڌڪي ٽين، ڏکڻ آفريڪا چوٿين، سريلنڪا پنجين، انگلينڊ ڇهين، ويسٽ انڊيز ستين، بنگلاديش اٺين، پاڪستان نائين جڏهن ته آئرلينڊ ڏهين پوزيشن تي آهي. واضح رهي ته بنگلاديش جي دوري کان اڳ پاڪستان جي ون ڊي ريننڪنگ ۾ ستين پوزيشن هئي پر بنگال ٽائيگرز هٿان خراب شڪستن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٻه درجا هيٺ ڪري نائين نمبر تي اچي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *