آءِ سي سيءَ نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي،ڪنهن به ٽيم جي درجا بنديءَ ۾ ڪو بدلاءُ نه اچي سگهيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سيءَ نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٽيم جي درجا بنديءَ ۾ ڪو بدلاءُ ناهي آيو، پر ڀارتي ٽيم جي چوٿين پوزيشن کي خطرا پيدا ٿي ويا آهن. آءِ سي سيءَ هلندڙ مهيني جي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ڪنهن به ٽيم جي درجا بندي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، ٽيم رينڪنگ ۾ ڏکڻ آفريڪا اڳ جيان 130 پوائنٽن سان پهرين پوزيشن جي تي موجود آهي، جڏهن ته 108 پوائنٽن سان آسٽريليا ٻي پوزيشن تي موجود آهي. آءِ سي سيءَ رينڪنگ ۾ ڀارت ٽين پوزيشن تي آهي، جنهن کي هلندڙ مهيني بنگلاديش خلاف هڪ ٽيسٽ تي ٻڌل سيريز کيڏڻي آهي. جيڪڏهن ڀارت ٽيسٽ کٽي ويو ته هڪ پوائنٽ جي واڌ سان ٽين پوزيشن تي برقرار رهندو پر شڪست جي صورت ۾ چار پوائنٽون وڃائي 95 پوائنٽن سان ستين پوزيشن تي هليو ويندو. پاڪستان بنگلاديش کي ٽيسٽ سيريز هارائڻ باوجود ڇهين پوزيشن تي موجود آهي، پر آءِ سي سي پليئر رينڪنگ ۾ يونس خان به بيٽنگ جي شعبي ۾ ڇهين نمبر تي موجود آهي. ٽيسٽ رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ چوٿين، انگلينڊ پنجين، پاڪستان ڇهين، سريلنڪا ستين، ويسٽ انڊيز اٺين، بنگلاديش نائين ۽ زمبابوي ٽيم 5 پوائنٽن سان ڏهين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *