آءِ جي سنڌ غير قانوني ڀرتين ۾ملوث آهي، جاچ ڪميٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ ونگ فنڊن جي غلط استعمال بابت ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين جو اعتراف ڪري ورتو، جاچ ڪميٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته آءِ جـِي سنڌ، ڊي آءِ جِي فنانس فدا حسين شاهه، ڊي آءِ جي مظهر شاهه، ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو سميت 7 پوليس آفيسر غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث آهن، جاچ ونگ فنڊ 99 سيڪڙو روڪ جي صورت ۾ جاري ڪيا ويا . سپريم ڪورٽ، آءِ جِي سنڌ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ پوليس ۾غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ ونگ فنڊن جي غلط استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل آءِ جي ثناءَ الله عباسي جي سربراهي ۾ اي ڊي خواجه ۽ سلطان احمد خواجه تي ٻڌل ڪميٽي پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته حيدرآباد ريزرو پوليس ۾ 2012 کان 2015 دوران انهن اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو، جن جي عمر وڏي هئي، جڏهن ته ڪجهه اميدوار جسماني ٽيسٽ ۾ فيل به هئا. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي ريزرو پوليس ۾ 794 جاين تي 993 اميدوارن کي ڀرتي ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته سکر ريزرو پوليس ۾ 574 اميدوار ڀرتي ڪيا ويا، جڏهن ته ڀرتيون پئسن عيوض ڪيون ويون. رپورٽ ۾ ڊي آءِ جي فنانس فدا حسين شاهه، آءِ جي غلام حيدر جمالي، ايس ايس پي غلام نبي ڪيرئي، ڊي آءِ جي مظهر شاهه ، اعتزاز احمد گوريا، سيد سلمان شاهه ۽ انسپيڪٽر اسلم لانگاهه کي غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث قرار ڏيندي چيو ويو ته 2013 ۾ 85 جاين تي 393 ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڀرتين جا اشتهار ڊمي اخبارن ۾ شايع ڪرايا ويا، جڏهن ته اميدوارن جي ڇاتي ۽ ڊيگهه ساڳي ڏيکاري وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ اميدوار جي عمر 47 سال هئڻ باوجود ڀرتي ڪيو ويو، جڏهن ته ڀرتين ۾ ڊي آءِ جي ايس آر پيز کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو. رپورٽ ۾ فنڊن بابت ڄاڻايو ويو آهي ته جاچ فنڊ جي 99 سيڪڙو رقم روڪ جاري ڪئي وئي، جڏهن تهمٽياري، دادو، ڪشمور ۽ مٺي ۾ فنڊن جي وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اسپيشل برانچ کي به 50 لک رپيا جاري ڪيا ويا، جيڪو غيرقانوني عمل آهي ۽ اها برانچ جاچ ونگ ۾ نه ٿي اچي. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جاچ ونگ فنڊ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رڳو ڪراس چيڪ ذريعي ئي فنڊ جاري ڪري سگهجن ٿا. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد رماڪس ڏنا ته سرڪاري پئسو روڪ جاري ڪرڻ غيرقانوني عمل آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عظمت سعيد آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي کان پڇاڻو ڪيو ته ملوث آفيسرن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي عدالت کي ٻڌايو ته غيرقانوني ڀرتين بابت آفيسرن کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي . ٻڌڻي دوران جسٽس خلجي عارف رمارڪس ڏنا ته ان جو مطلب ته اداري جو سربراهه ئي غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث آهي. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ته جاچ ڪميٽي ۾ شامل آفيسر پاڻ غيرقانوني ڀرتين ۾ ملوث آهن،جنهن ڪري ٻئي ڪميٽي جوڙي وڃي، جن جو ان معاملي سان ڪو واسطو نه هجي. آءِ جي چيو ته حيدرآباد ۾ 500 غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙن اهلڪارن کي برطرف ڪيو آهي ،. جڏهن ته شڪارپور، سکر ، حيدرآباد ۾ جعلي ڀرتي ٿيندڙن کي هٽايو ويو آهي. ان کان اڳ ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ جي جسٽس امير هاني مسلم خلاف داخل ڪيل بي اعتمادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جو چوڻ آهي ته سندس عزت جو آرٽيڪل 14 تحت خيال نه رکيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ سنڌ پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ جاچ ونگ فنڊن جي غلط استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جسٽس امير هاني مسلم جاچ ڪميٽي سان رابطي ۾ آهي، جنهن ڪري اهو ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿو ڪري سگهي. آءِ جي سنڌ درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته جسٽس امير هاني مسلم جو رويو تعصباڻو آهي ۽ هن نازيبا لفظ استعمال ڪيا آهن. عدالت آءِ جي سنڌ جي بي اعتمادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته جسٽس امير هاني مسلم رمارڪس ڏنا ته هو رڳو الله آڏو جوابده آهي ۽ هو ميرٽ تي ڪيس هلائي رهيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته هو بينچ کان ڌار نه ٿيندو. جسٽس امير هاني مسلم وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن آءِ جي سنڌ کي خدشا آهن ته هو نظرثاني واري درخواست داخل ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *