آءِ جي سنتڌ 4-4 ڀيرا سزا مليل آفيسر کي مقرر ڪري بديانتي ڪئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ جو معافي نامو رد ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي اربع تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير حاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ آءِ جي سنڌ جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ به عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ان جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته هو پاڪستان کان ٻاهر هو ان لاءِ نوٽيس جو جواب جمع نه ڪرائجي سگهيو هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذميواري جو پورو احساس آهي ۽ اسان کان غلطي ٿي آهي ان لاءِ اسان کي معافي ڏني وڃي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪائي ننڍي غلطي هجي ته عدالت نوٽيس ناهي وٺندي پر هي وڏو معاملو آهي ڇو ته سيف الله کي 4-4 ڀيرا نوڪري مان ڪڍي سزائون ڏنيون ويون آهن ۽ اهڙي شخص کي ڪيئن ٻيهر مقرر ڪري سگهجي ٿو عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته آءِ جي سنڌ پنهنجي ذميواري سان بدديانتي ڪئي ڊيپوٽيشن تي سيف الله جي مقرري عدالتي حڪم جي خلاف ورزي آهي غلطي جو احساس ٿئي ته معافي گهرڻ لاءِ ڪوئي وقت گهربل ناهي هوند عدالت آءِ جي سنڌ جو معافي نامو رد ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي خانگي ٽي وي مطابق ايندڙ ٻڌني تي انسپيڪٽر سيف الله تي به فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *