آءِ جي ، گهرو ۽ چيف سيڪريٽري جي رپورٽن ۾ فرق: ڪنهن تي اعتبار ڪريون؟: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سـپريم ڪورٽ، پوليس جي جاچ ونگ کي فنڊَ فراهم نه ڪرڻ بابت پيش ڪيل رپورٽ رد ڪندي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ، جاچ پوليس سنڌ کي فنڊ فراهم نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جــِي، ايڊووڪيٽ جنرل، گهرو سيڪريٽري، سيڪريٽري فنانس ، ناڻي وارو سيڪريٽري پيش ٿيا. عدالت، چيف سيڪريٽري، اَي آءِ جِي فنانس ۽ آءِ جي سنڌ جي رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي گڏيل مشاورت سان صحيح انگن اکرن تي ٻڏل رپورٽ مهيني اندر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت، چيف سيڪريٽري سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته فنڊ ڪيئن ڏيندا آهيو؟ چيف سيڪريٽري چيو ته آءِ جي سنڌ پاران جيڪي پئسن جي گهر ٿيندي آهي ان تحت پئسا جاري ڪيا ويندا آهن. عدالت آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته اهي پئسا جاچ پوليس کي ڪيئن ڏيندا آهيو؟ ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته اهي پئسا آءِ اوز کي ڏنا ويندا آهن. جسٽس امير هاني مسلم چيو ته قانون چئي ٿو اهي فنڊ ڊي ڊي اوز کي ڏنا ويندا آهن. عدالت چيو ته آءِ اوز تي ٿاڻن تي لڳل هوندا آهن اهي جاچ پوليس کي پئسا ڪيئن ڏيندا ؟ عدالت جو چوڻ هو ته اوهان جاچ پوليس کي پئسا نه ٿا ڏيو ان جي ڪري 80 سيڪڙو ڪيس اي ڪلاس ۾ خارج ٿي وڃن ٿا. عدالت چيو ته اوهان سڀني جي رپورٽ انگن اکرن ۾ فرق ڇو آهي ؟ اسان ڪنهن جي رپورٽ تي اعتبار ڪريون، جڏهن ته آءِ جي سنڌ ، گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري جي رپورٽ ۾ فرق آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته هن مهل تائين ڪيترائي ڪيس خارج ٿي ويا آهن، پئسا نه ملندا ته ڪيسن جي پيروي نه ٿيندي . چيف سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته جيستائين کيس ڄاڻ آهي ته جاچ پوليس جا فنڊ ايس ايس پي وٽ جمع ٿيندا آهن ۽ اهو ئي ورهائيندو آهي. عدالت چيو ته هر هفتي ايس ايس پي کي بدلي ڪيو ٿو وڃي اهي ڪنهن جي چوڻ تي بدلي ٿين ٿا، جڏهن ته ايس ايس پي اڃا معاملن کي سمجهندو ئي مس آهي ته ان جي بدلي ٿي ويندي آهي. عدالت چيو ته مٽياري ضلعي کي 2 ڪروڙ 20 لک کي ڏنا ويا آهن ۽ وري سجاول ضلعي کي وڌيڪ پئسا ڏنا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد کي وري گهٽ پئسا ڏنا ويا آهن ڇا اتي ڏوهه نه ٿا ٿين ؟ عدالت، مهيني اندر گڏيل صلاح مشوري سان رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي مهيني تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *