آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کان بجلي جا اگهه ۽ ٽيڪس وڌائڻ جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) آءِ ايم ايف پاڪستان کان بجلي جي قيمت، انڪم ۽ سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽيز وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي جي حوالي سان وڌيڪ ٽيڪس قدم کڻي ته جيئن ساليانو حدف 58 کرب رپين کان وڌيڪ 63 کرب رپيا ٿي وڃي. آءِ ايم ايف جو اهو مطالبو ورچوئل ڳالهائين دوران سامهون آيو آهي جتي هلندڙ مالي سال دوران 600 ارب رپيا پيٽرول ليوي جمع نه ٿي سگھي آهي. ذريعن جو چوڻ هو ته حڪومت کي ايف بي آر جي حوالي سان واڌو ريونيو قدم کڻڻا پوندا، آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته بجلي ٽيرف جي بينادي قيمت ۾ هڪ رپيو 40 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن وڏي گردشي قرض تي ضابطو آڻي سگھجي. پاڪستاني اختيارين بجلي ٽيرف ۾ 6 ماهي تبديليون ڪري چڪا آهن پر جيڪڏهن بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نه ٿيو ته ڊپ آهي ته گردشي قرض مئنيجمينٽ پلان (سي ڊي ايم پي) کي حتمي شڪل نه ڏئي سگھبي. اعليٰ اختيارين تصديق ڪئي آهي ته ڳالهيون جاري آهن ۽ ڳالهين تي اتفاق راءِ ڪري وٺنداسين جنهن ۾ ايف بي آر جو هدف 58 کرب رپين کان وڌائي 63 کرب رپيا ڪري سگھجي ٿو. اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ذاتي انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ جي به تجويز ڏني آهي، ان حوالي سان مختلف تجويزون غور هيٺ آهن جن ذريعي واڌو 100 ارب رپين کان 150 ارب رپيا ٽيڪس حاصل ڪري سگهبو. ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ جي ايس ٽي ڇوٽ کي واپس وٺڻ جي به تجويز آهي جڏهن ته ايف بي آر به ڪجهه شين جي فهرست تيار ڪئي آهي، جتي آرڊي ۾ واڌ ڪئي ويندي. نيشنل ٽيرف ڪميسن (اين ٽي سي) واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي واپس وٺڻ جي تجويز ڏني هئي، جنهن ۾ دير ٿي سگھي ٿي ۽ حتمي فيصلو ايندڙ بجيٽ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف نيپرا قانون ۾ به ترميم جو خواهشمند آهي. آءِ ايم ايف سمجهي ٿو ته موجوده ريونيو جمع ڪرڻ جي رفتار غير مستحڪم آهي ان ڪري واڌو قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. في الحال ٻه وڏا مسئلا سامهون آهن، هڪ مالي استحڪام ۽ ٻيو توانائي جي شعبي ۾ واڌو خرچن تي ضابطو آڻڻ. ذريعن موجب اسان کي اميد آهي ته اسٽاف سطح جون ڳالهيون 15 آڪٽوبر تائين ٿي وينديون ڇو ته ناڻي وارو وزير شوڪت ترين ايندڙ اڱاري تي واشنگٽن ڊي سي دوري تي وڃي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي  ته جيڪڏهن هاڻ سڀ ڪجهه درست هلندو رهيو ته آءِ ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ نومبر، 2021ع جي پڄاڻي تائين 1 ارب ڊالرن جي منظوري ڏيندو. چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر محمد ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهيون اڃا مڪمل ناهن ٿيون پر آءِ ايم ايف، ايف بي آر جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي. هنن چيو ته ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ هدف کان 186 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا آهن، ايف بي آر جو ساليانو ٽيڪس هدف حاصل ڪيو ويندو جڏهن ته ايف بي آر جي اعليٰ اختيارين ڊائريڪٽ ۽ انڊائريڪٽ ٽيڪسز جي حوالي سان آءِ ايم ايف کي بريف ڪيو آهي. ٻي پاسي عالمي بينڪ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي ترقي جي امڪاني شرح 3.4 سيڪڙو، مهانگائي 9، قرض (GDP) جو 90.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، کائڻ پيئڻ جي شين جا اگھه وڌڻ سان غريب طبقي جي وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *