آءِ ايم ايف جي چوڻ تي حڪومت جا ڪات اُڀا، ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي سميت ٻيا بل تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان سان ايندڙ ڊيل لاءِ 5 مطالبا پورا ڪرڻ جا شرط رکي ڇڏيا، جن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري به شامل آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف سان جلد ڊيل ٿي ويندي، آءِ ايم ايف ڊيل کان اڳ 5 اڳواٽ قدمن جو مطالبو ڪيو آهي، جن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو، اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري به شامل آهي، جڏهن ته بجلي اگهن ۾ واڌ جا مطالبا پورا ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي خود مختياري جا بل تيار ڪري ورتا آهن، قانون واري وزارت قانوني بلن جي مسودي کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي، ڪرنسي ريٽ ۽ مانيٽري پاليسي اسٽيٽ بئنڪ جي دائري ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته هن سال اوسر جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي، اسان غريبن کي امداد ڏينداسين ۽ انهن کي بنا وياج قرض فراهم ڪنداسين، ايندڙ 4 سالن ۾ حڪومت 1400 ارب رپيا ڪامياب پاڪستان پروگرام تي خرچ ڪندي. شوڪت ترين چيو ته ڪامياب جوان پروگرام لاءِ ايندڙ 4 سالن ۾ هڪ سئو 40 ارب رپيا قرض ڏينداسين، احساس پروگرام لاءِ 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن ۽ احساس راشن لاءِ 350 ارب رپيا رکي رهيا آهيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *