آءِ ايس آءِ پاڪستان جي سلامتي معاملن ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهي آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ريٽائر ٿيندڙ آءِ ايس آءِ ڊي جي ظهير الاسلام جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو، ملڪي سيڪيورٽي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. تفصيل موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان 7 نومبر تي ريٽائر ٿيندڙ آءِ ايس آءِ ڊي جي ظهير الاسلام جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو ۽ سندس پاڪستان لاءِ خدمتن کي ساراهيو، ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته آءِ ايس آءِ پاڪستان جي سلامتي معاملن ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ظهير الاسلام جي مقرري دوران آءِ ايس آءِ جي ڪردار ۽ صلاحيت ۾ واڌ ٿي. آءِ ايس آءِ ملڪ جو اهڙو ادارو آهي جيڪو ملڪ جي اندروني ۽ بيروني دشمن قوتن لاءِ خوف جي علامت آهي. ڏيڍ سال ۾ آءِ ايس آءِ ۽ گهرو وزارت وچ ۾ مثالي هم آهنگي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *