۱۵ سالن جي ڀارتي بالر رنس ڏيڻ بغير سموري ٽيم کي آئوٽ ڪري ڇڏيو

دلي(اسپورٽس نيوز)ڀارت ۾ ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ميچ دوران ۱۵ سالن جي پيسر بغير ڪا  رنس ڏني سموري ٽيم کي ئي پويلين موڪلي ڇڏيو راجسٿان سان تعلق رکندڙ ليفٽ آرم پيسر آڪاش چوڌري ڀور سنگهه ميموريل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ دوران ديشا ڪرڪيٽ اڪيڊمي جيپور طرفان کيڏندي پرل اڪيڊمي جي خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هن هڪ به رنس ڏيڻ بغير پوري ٽيم کي پويلين وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو پيسر جي شاندار ڪاڪرردگي سبب مخالف ۷ اوورن ۾ ۳۲ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ۷ بيٽسمين کي کاتو کولڻ جو موقعو ئي نه مليو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *