ڳڙهي خدابخش ۾ شهيدن کي سلام ڀريندڙ به جمهوريت جا رکوالا آهن: وڏو وزير

حيدرآباد (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حيدرآباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن  ۽ عهديدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي 4 اپريل تي  شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي 37 هين ورسي  ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪري ملڪ ۾ جمهوريت بچائيندڙ  قومي اڳواڻ  ۽ اڳوڻي وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪن ته جيئن شهيد جي ياد کي تازو ڪري جمهوريت لاءِ قرباني ڏيڻ واري جذبي کي  يقيني بڻائي سگهجي _اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ شام حيدرآباد لڳ ڳوٺ ڪرن شورو ۾ حيدرآباد ڊويزن جي چونڊيل عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي هڪ وڏي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو  _گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته  پاڪستان پيپلزپارٽي جي تاريخ ۾ 4 اپريل ۽ 27 ڊسمبر وڏي اهميت رکن ٿا جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آمرن اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ عوام جي حقن خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي تاريخ ۾ امر ٿي ويا _ وڏي وزير  سيد قائم علي شاهه چيو ته   ڳڙهي خدابخش ۾  شهيدن کي سلام ڀريندڙ به اصل ۾ جمهوريت جا رکوالا آهن ۽ ان لاءِ انهن کي گهرجي ته هو جلسي دوران نظم ۽ ضبط جي خاص طور تي مظاهرو ڪن ته جيئن جلسي جي ڪارروائي کي اطمينان سان پايه تڪميل تائين پهچائي سگهجي ڇاڪاڻ ته جلسي دوران بدنظمي سبب مختلف هنڌن تان آيل لکين ڪارڪنن کي سخت تڪليف پيش اچي ٿي _وڏي وزير چيو ته هاڻي عوام جي سهولت خاطر ڳڙهي خدا بخش ۾  جلسا منجهند جو ئي شروع ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن تحت صبح جو شهيدن جي مزار تي  قرآن خواني ۽ دعا بعد شرڪت ڪندڙن لاءِ  لنگر جو بندوبست ٿيل هوندو آهي جنهن کانپوءِ  محترم سرفراز راڄڙ مشاعري جي  نشست  شروع ڪندو جنهن ۾ ملڪ جي مختلف صوبن مان  آيل پارٽي جا صدر ، عهديدار  ۽ ڪارڪن  شرڪت ڪندا آهن ۽ شهيدن جي قرباني ، جدوجهد  ۽ سندن خدمتن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري خراج عقيدت پيش ڪندا آهن _ هن اميد ظاهر ڪئي ته حيدرآباد ڊويزن  جي مڙني ضلعن مان لکن جي تعداد ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ 4 اپريل تي   ڳڙهي خدا بخش پهچي شهيد باني کي  خراج عقيدت پيش ڪندا _ هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني  ذميوارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري عوام جي مسئلن جي جلد حل کي يقيني بڻايو وڃي _ هن چيو ته پارٽي اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي _ وڏي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان اڳ ۾ ٿرپارڪر ۾ اقليتي ڀائرن  جي ديوالي ۾ شرڪت ڪئي هئي  ۽ هاڻي هولي ۾ به شرڪت ڪندس ان ڏس ۾ ضلعي عمر ڪوٽ  جي صدر، عهديدارن  ۽ ڪارڪنن بلاول ڀٽو  کي چيو ته هاڻي توهان  ضلعي عمرڪوٽ ۾ منعقد ٿيندڙ هولي جي ڏڻ ۾ شرڪت ڪريو جنهن سان هتي پارٽي قيادت  جي همٿ افزائي پڻ ٿيندي _ ان سان گڏوگڏ هڪ شايان شان جلسو پڻ منعقد ڪيو ويندو جڏهن ته اڄ  عمرڪوٽ ۾ هڪ وڏو جلسو منعقد ٿيو  جنهن ۾ اقليتي ڀائرن  ۽ پارٽي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پارٽي چيئرمين سان محبت جو اظهار ڪيو جتي هن ضلعي عمرڪوٽ جي چونڊيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبرن سان پڻ گڏجاڻي ڪئي _ ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ڀليڪار پيش ڪئي_ گڏجاڻي ۾ حيدرآباد ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ، سنڌ ڪائونسل جي ميمبرن کان علاوه ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *