ڳالھيون چونڊن جي اعلان سان مشروط، اسان وري اينداسين، هر شهر ۾ وينداسين ۽ سندن ڀرپور مقابلو ڪنداسين: شاھھ محمود

ملتان (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي حڪومت سان ڳالهين لاءِ مشروط رضامندي ڏيکاريندي چيو ته هي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪن اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته لانگ مارچ ۾بي ڏوهه ۽ پرامن شهرين تي تشدد ڪيو ويو حڪومت جنهن ظلم جو مظاهرو ڪيو ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي لاهور جي لبرٽي چوڪ ۽ ڪراچي ۾ ڪوئي مارچ نه ٿي رهيو هو؟ اتي ڪنهن لاءِ چڙهائي ڪئي وئي هن چيو ته اندرون سنڌ ۾ ظلم جي حد ڪئي وئي ڪٿي آهن انساني حقن جي رکوالي جا عملدار راءِ جي اظهار جي آزادي جي تحفظ جا دعويدار؟ 5 شهادتون هي ڪري چڪا هئا جنهن جو کين هر حال ۾ حساب ڏيڻو پوندو هن چيو ته هاڻي شهبازشريف صاحب دعوت ڏئي رهيو آهي ته اچو ڳالهيون ڪريو هي نئين چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪن اسان ڳالهين لاءِ تيار اهيون شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن هي ڪو فيصلو اسان تي مڙهيندا ته ايئن ڪڏهن به نه ٿيندو اسان وري اينداسين اسان هر شهر ۾وينداسين ۽ سندن سخت مقابلو ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *