
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻئي جي باري ۾ ڳالهه ڪندڙن کي پهرين پنهنجي گهر اندر به ڏسڻ گهرجي، سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هڪ عورت تي سياست ٿي رهي آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هيو ته عائشه گلالئي جي معاملي تي جاچ هئڻ گهرجي، پارليامينٽ ۾ عورتن جو فورم موجود آهي، اتي ڳالهه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته عوام جي دلين جو وزيراعظم اڄ به نواز شريف ئي آهي.