ڳالهيون ڪامياب، آءِ ايم ايف 6.4 ارب ڊالر جي ٽن سالن واري پروگرام تحت پاڪستان کي 5 سئو ملين ڊالرز جي نئين قسط جاري ڪندو

دبئي (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ توسيع فنڊ سهولت پروگرام تحت يارهين معاشي جائزي ۾ ڪاميابي کانپوءِ آءِ ايم ايف 6.4 ارب ڊالر جي ٽن سالن واري پروگرام تحت پاڪستان کي 5 سئو ملين ڊالرز جي نئين قسط جاري ڪندو، جڏهن ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب رهيون، مالياتي خساري ۾ گهٽتائي آهي، ايندڙ مالي سال  2016-17 لاءِ شرح نمو جو حدف 6 سيڪڙو رکيو ويندو، سي پيڪ منصوبو به ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي انڊيڪس 10 مئي تي 36 هزار 265 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تائين پهچي ويو، ملڪ ۾ ناڻي جي شرح جولاءِ کان اپريل 2015-16 دوران 3 سيڪڙو گهٽ رهي، گذريل ڏينهن يارهين معاشي جائزي جي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ دبئي ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين جي ڪاميابي جو اعلان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ آءِ ايم ايف جي مشن چيف هيرالڊ فنگر گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، ان موقعي تي اسحاق ڊار چيو ته اسان جي ڪارڪردگي انتهائي اطمينان بخش رهي آهي ۽ مارچ 2016 جي آخر تائين تمام حدف حاصل ڪيا ويندا، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جا مقامي اثاثا مجموعي عالمي ذخيرن سان گڏ اسٽيٽ بينڪ سان حڪومتي قرضن ۽ بجيٽ جي خساري جي حوالي سان ڪارڪردگي اطمينان بخش رهي آهي، هن چيو ته مارچ 2016 جي آخر تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام رقم جي منتقلي ۽ بجلي شعبي جي رهتن بابت حدف حاصل ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ايف بي آر ٽين ٽه ماهي لاءِ 715 ارب رپين جو حدف عبور ڪيو ۽ اها ڪيترن ئي سالن کانپوءِ زبردست ڪاميابي آهي، ايف بي آر جي حدفن ۾ ڪا به ڪمي نه ايندي، هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن لاءِ 21 سئو 5 ارب رپين جي حدف جي مقابلي ۾ ايف بي آر 21 سئو 3 ارب رپيا وصول ڪيا آهن ۽ اهي وصوليون گذريل سال جي مقابلي ۾ 19 سيڪڙو وڌيڪ آهن، هن چيو ته مالي سال 2015 ۾ جي ڊي پي 4.24 سيڪڙو شرح نمو حاصل ڪئي جيڪا گذريل 7 سالن ۾ بلند ترين شرح آهي. اسحاق ڊار چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا اسان جي حڪومت جي ترجيحي ايجنڊا ۾ شامل آهن ۽ وزيراعظم ان سلسلي ۾ باقائدگي سان نگراني ڪري رهيو آهي، هن چيو ته توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته غير ملڪي ناڻي جا ذخيرا 9 مئي 2016 تي اٽل 21 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ پاڪستان وٽ 16.125 ارب ڊالر ۽ ٻين بينڪن وٽ 4.802 ارب ڊالرن جا ذخيرا آهن، هن چيو ته بينڪنگ جي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڪاروباري جي آساني لاءِ ماحول کي سازگار بڻايو پيو وڃي، اسان مالياتي شموليت جي جامعه قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي جنهن تحت ضرورتمند طبقن جي مالي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *