ڳالهيون ملتوي ناهن ٿيون نه ئي پاڪ ڀارت پاڻ کي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻجڻ ڏيندا: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته پاڪ ڀارت ڳالهيون ملتوي ناهن ٿيون نه ئي ٻئي ملڪ پاڻ کي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻجڻ ڏيندا. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ذميوار ملڪ آهن. هن چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي بابت ڪنهن به اڳڀرائي کان ڀارت کي آگاهه ڪيو ويندو، دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان جي جاچ مان مطمئن آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي خلاف وڙهي رهيو آهي، ڪيترائي دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *