ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر اڳڀرائي ڀارت کي ڪرڻي پوندي:نواز شريف

کٽمنڊو (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف سارڪ سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيپال پهچي ويو، کٽمنڊو ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو، سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر اڳڀرائي ڀارت کي ڪرڻي پوندي. وزيراعظم نواز شريف اسلام آباد کان نيپال جــَي گاديءَ واري شهر کٽمنڊو پهتو. کٽمنڊو پهچڻ تي وزيراعظم نواز شريف جي نيپال جي نائب وزيراعظم آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب به منعقد ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جا ترانا پڻ وڄايا ويا. وزيراعظم نواز شريف سان سندس خاص مددگار عرفان صديقي ۽ طارق فاطمي به گڏ آهي،جڏهن ته پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز اڳ ئي کٽمنڊو پهتل آهي. وزيراعظم اڄ سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندو ۽ 27 نومبر تي سارڪ ملڪن جي سربراهن سان ڌار ڌار ملاقاتون به ڪندو جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڪانفرنس جي موقعي تي وزيراعظم نواز شريف جي پنهنجي ڀارتي هم منصب نريندر مودي سان ملاقات جو امڪان پڻ آهي. کٽمنڊو روانو ٿيڻ کان اڳ اسلام آباد ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته يورپي يونين ۽ دنيا جون ٻيون علائقائي تنظيمون زبردست ترقي ڪري چڪيون آهن پر سارڪ کي 30 سال ٿي ويا آهن ۽ ان ۾ ڪا به خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان – ڀارت جي ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن سبب به سارڪ ترقي نه ڪري سگهي آهي، پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر ان لاءِ ڀارت کي اڳڀرائي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سطح جي ڳالهين کي ڀارت ملتوي ڪيو پر ڪنهن هڪ وزيراعظم کي ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اختيار نه هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، بهتر سڪيورٽي ۽ معاشي سهڪار جي قدمن سان خطي کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. نواز شريف چيو ته هــُو سارڪ کي يورپي يونين وانگر معاشي ترقي ۽ واپار جو فورم بڻائڻ چاهين ٿا ڇو ته خطو امن ۽ اقتصادي سهڪار جي فضا ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *