ڳائڻ اسان جي ڪٽنب جي رت ۾ شامل آهي: پرينيتي چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته ڳائڻ سندن ڪٽنب جي رت ۾ شامل آهي، انڊين ايڪسپريس جي رپورٽ مطابق پرينيتي چوپڙا هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم ميري پياري بندو جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ هوءَ هڪ ڳائڻيءَ جو ڪردار ڪري رهي آهي،ممبئي ۾ هڪ ايوارڊ شو جي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سندس ڪٽنب ايندڙ فلم ۾ سندس ڳائڻ جي حوالي سان تمام گهڻي جوش ۾ آهي، واضح هجي ته پرينيتي جي سئوٽ پريانڪا چوپڙا به بالي ووڊ ۾ ڪامياب اداڪاره سان گڏ ڪامياب ڳائڻي پڻ بڻجي چڪي آهي، پرينيتي جو چوڻ هو ته منهنجي ڪٽنب ۾ سڀ تمام گهڻو خوش آهن ته اسان ڳائي به سگهون ٿيون، مونکي لڳي ٿو ته ڳائڻ اسان جي رت ۾ شامل آهي،ان سوال ته ڇا هوءَ به پريانڪا جيان پنهنجو ميوزڪ البم آڻيندي؟ هن چيو ته هوءِ في الحال فلمن ۾ ئي ڳائيندي ۽ هن ڻ حوالي سان اڳتي لاءِ ڪجه به ناهي سوچيو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *