گھرو وزير طرفان ايندڙ 48 ڪلاڪ اھم قرار، سياست نئون رخ اختيار ڪري سگھي ٿي: شيخ رشيد

ڪراچي (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ايندڙ 48 ڪلاڪن کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته سياست نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، نجي ٽي وي سان خصوصي انٽرويو ۾ شيخ رشيد چيو ته قاعدن ۽ طريقيڪار موجب گورنر وڏي وزير کي طلب ڪري استعيفيٰ جي تصديق ڪندو آهي، استعيفيٰ جي تصديق کانپوءِ 2 کان 3 ڏينهن بعد منظور ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته ايندڙ 48 ڪلاڪ اهم آهن، جمعي ۽ ڇنڇر جي رات 12 وڳي تائين جو وقت اهم آهي، اسلام آباد ۾ گرما گرمي آهي اڃا ڪا به شئي فائنل ناهي ٿي، قوم جمعي ۽ ڇنڇر جي رات تائين انتظار ڪري، سياست نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته سندس حالتن تي گهري نظر آهي ۽ سياسي صورتحال موجب فيصلو ڪندس

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *