گڏيل مفادن واري ڪائونسل اسٽيل ملز سميت 10 اهم ادارن جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊاين اين آءِ) گڏيل مفادن واري ڪونسل، ايل پي جي جي پيداوار تي پيٽروليم وزارت کي رائلٽي، چيئرمين واپڊا ۽ ميمبرز جي مقرري بابت ڊرافٽ، پيٽروليم پاليسي 2012 جي ترميمي مسودي ۽ حويلي شاهه بهادر ۽ بلوڪي پاور پلانٽ جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب وزيراعطم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايل پي جي جي پيدوار تي پيٽروليم وزارت کي رائلٽي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ سنڌ صوبي جي فنڊ جي ايف بي آر جو معاملو اٿاري ڇڏيو، ذريعن موجب پنجاب حڪومت پاران صوبن کي فنڊ غير قانوني منتقل ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پيٽروليم پاليسي 2012 جي ترميمي مسودي جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ ايل اين جي ٻاهران گهرائڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جي معاهدي بابت اٽارني جنرل جون سفارشون منظور ڪيون ويون، گڏيل مفادن واري ڪونسل متبادل توانائي جي پاليسي 2019 منظور ڪري ورتي.

پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار 6 مهينن دوران اسٽيل ملز سوڌو 10 اهم ادارن جي نجڪاري جي حتمي منظوري ڏئي ڇڏي، 2 پاور پلانٽس، 3 تيل ۽ گيس جا ادارا به شامل، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 2020-21 دوران به ملڪ جي 8 اهم ادارن جي نجڪاري ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آھي تفصيل موجب وفاقي حڪومت ملڪ جي 18 اهم ادارن جي نجڪاري ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن نجڪاري وزارت ملڪ جي 8 اهم ادارن جي نجڪاري جي عمل کي ايندڙ ٽن مهينن يعني جنوري کان مارچ تائين وڪرو ڪرڻ جو حدف مقرر ڪري ڇڏيو آھي نجڪاري وزارت جي دستاويز ۾ چيو ويو آھي ته موجوده پي ٽي آءِ سرڪار هلندڙ مالي سال 2019-20 جي ٽئين ٽه ماهي يعني ايندڙ جنوري مهيني کان مارچ تائين 8 ادرن جي نجڪاري جو عمل مڪمل ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو آھي انهن ادارن ۾ 1223 ميگاواٽ جو بلوڪي پاور پلانٽ، 1230 ميگاواٽ جو حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ، ايس ايم اي بينڪ، سروس انٽرنيشنل هوٽل لاهور، ماڙي پئٽروليم لميٽيڊ، اوجي ڊي سي ايل، پي پي ايل شامل آهن ان سان گڏ سرڪاري طور عالمي سطح جي ڪانفرنس لاءِ سرڪاري هنڌ ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد به شامل آھي. ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال جي آخري ٽن مهينن يعني اپريل کان جون تائين پاڪستان اسٽيل مل کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ،پاڪستان ري انشورنس ڪمپني لميٽيڊ جي نجڪاري ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آھي. جڏهن ته ايندڙ مالي سال 2020-21 جي پهرين ڇهن مهينن دوران 8 اهم سرڪاري ادارن جي نجڪاري ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آھي جن ۾ 747 ميگاواٽ جو گڊو پاور پلانٽ،425 ميگاواٽ جو نندي پور پاور پلانٽ، فرسٽ وومين بينڪ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني، هيوي اليڪٽيڪل ڪمپليڪس، سنڌ انجنيرنگ لميٽيڊ ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن شامل آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *