گڏيل مفادن جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون ۽ پاڪستان يورپي ملڪن سان لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان يورپي يونين جي سفير انڊرولا ڪمينارا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون اربع تي هتي آئي ايس پي آر مطابق ارمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير مسز انڊرولا ڪمينارا ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال سميت افغانستان جي تازي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جي معاملن تي به غور ڪيو ويو آرمي چيف چيو ته پاڪستان يورپي يونين ملڪن سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان اي يو ملڪن سان مختلف  شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي يورپي يونين جي سفير افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ مختلف ملڪن جي اهلڪارن ۽ عملي جي انخلا ۾ پاڪستان جي تعاون تي آرمي چيف جو شڪريو ادا ڪيو اي يو سفير علائقائي استحڪام ۽ خطي ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي هن چيو ته هي يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ هر سطح تي سفارتي تعاون وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار اهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *