گڏيل قومن جي ماهرن پنجاب حڪومت کي اورنج ٽرين رٿا روڪڻ لاءِ چيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪسيتان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته گڏيل قومن جي ماهرن پنجاب حڪومت کي اورنج ٽرين منصوبو روڪڻ جو چيو آهي ماهرن مطابق منصوبي سان ماڻهو بي گهر ٿي رهيا آهن ۽ ثقافتي ورثي کي به وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي پيغام ۾ عمران خان چيو ته گڏيل قومن جي ماهرن مطابق اورنج لائين ٽرين رٿا ثقافتي ورثي کي تباهه ڪري رهي آهي هن چيو ته اسلام آباد، راولپنڊي ميٽرو بس جي 27 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ تي 46 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته پشاور ۾ ايتري ئي ڊگهي ٽريڪ تي صرف 13 ارب رپيا خرچ ايندو. عمران خان مطابق پشاور بس اسڪيم سان ٽريفڪ مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ريلوي وارو وزير ڪيترين ئي درخواستن جي باوجود پشاور بس منصوبي لاءِ ريلوي جي فاضل اراضي فراهم ناهي ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *