گڏيل اجلاس جي قانون سازي رد، عدالتن جو احترام ڪيو ٿا پر دل اداس آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهي اجلاس ۾ 17 نومبر تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ قانونسازي جي پوري عمل کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ 33 قانون پاس ڪرڻ پارلياماني پريڪٽس سان وڏو مذاق آهي. پارليمينٽ جي تاريخ ۾ اهڙو مذاق ڪڏهن نه ٿيو آهي. موجوده قانونسازي وسيلي اليڪشن ڪميشن جي اختيارن تي وار ڪيو ويو آهي، قوم جو مطالبو آزاد ۽ خودمختيار ڪميشن جو آهي، پر اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي گهٽائڻ ڪنهن صورت قبول ناهي ۽ اهو آئين جي ٽڪراءُ ۾ قانونسازي آهي.هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق جي ڳالهه جنهن بڇڙي نموني ڪئي آهي، اسان کين پيغام ٿا ڏيون ته هن جعلي حڪومت جي دوکي ۾ نه اچن، اسان اوورسيز پاڪستانين کي ملڪ جو اثاثو سمجهون ٿا، پي ڊي ايم فيصلو ڪيو آهي ته ان معاملي ۾ قانون ۽ آئين جي روشني ۾ ڪم ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان چيو ته ن ليگ خلاف ماضي ۾ جيڪي عدالتي فيصلا آيا جن وسيلي کين نااهل قرار ڏنو ويو، محترم ججن جي ماضي جا بيان ۽ تازو ئي رانا شميم جو بيان حلفي ۽ ثاقب نثار جي آڊيو ليڪ سامهون آهن، اسان عدالت جو احترام ڪيو ۽ ججن کي اکين تي ويهاريو پر سندن پنهنجي گهر جي گواهيون ۽ عدليه جي آزادي تي جيڪي آواز اٿيا آهن انهن کي پنهنجي ڪردار سان بحال ڪرڻو پوندو. هڪ چونڊيل وزيراعظم خلاف جيڪي سازشون سامهون آيون آهن اهي ملڪ ۽ جمهوري نظام خلاف آهن ڪنهن فرد خلاف ناهن، هن وڌيڪ چيو ته حالتن کي سنجيدگي سان ڏسون پيا. تفصيلي بحث ٿيو، پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 6 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٻيهر ٿيندو، ان کان اڳ پي ڊي ايم جون سموريون پارٽيون مشاورت بعد تجويزون ڏينديون، جيڪي 6 ڊسمبر تي اجلاس ۾ پيش ٿينديون پوءِ حتمي پاليسي ۽ اهم اعلان ڪيا ويندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *