گيلاني جي استعيفيٰ ڊرامو هو، ڪرسيءَ سان چنبڙيل رهندو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سينيٽ اجلاس ۾ جذباتي تقرير ڪندي چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني جي استعيفيٰ ڊرامو هو، هو ڪرسي سان چنبڙيل ره ندو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ پنهنجي غير حاضري جون وضاحتون پيش ڪيون، عوام ۽ اپوزيشن ڌريون ان جي وضاحت مان مطمئن ناهن. هن چيو ته ايوان ۾ سڀني کي خبر آهي ته ليڊر آف اپوزيشن ڪيئن چونڊيو، سينيٽر ڪيئن چونڊيو، ووٽ خريد ڪري، ان جي ويڊيو ميڊيا ۾ هلندي رهي، ان جو ته ڪيس اڄ به اليڪشن ڪميشن ۾ لڳل آهي. سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ کي ڪنهن جي غلامي ۾ ڏيڻ جي ڳالهه درست ناهي، اسٽيٽ بئنڪ خود مختيار ادارو آهي، سڀاڻي کان ايوان ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمن تي بحث ٿي رهيو آهي، پ پ ۽ ن ليگ ٻنهي اسٽيٽ بئنڪ بابت ترميمون ڪيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *