گووندا جي ڌيءُ ٽينا آهوجا پنهنجي پهرين فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ گپي گريوال سان گڏ نظر ايندي

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار گووندا جي ڌيءُ ٽينا آهوجا پنهنجي پهرين فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ پنجابي ڳائڻي ۽ اداڪار گپي گريوال سان گڏ نظر ايندي، گريوال فلمن ۾ پنهنجي گيت ”انگريزي هيٽ“ سان مشهور ٿيو هو، ٽينا جي ان فلم جو ٽريلر به ڪجھه ڏينهن ۾ رليز ڪيو ويندو. گووندا جي ڌيءُ هجڻ جي ڪري ٽينا جي ان فلم کي بالي ووڊ ۾ پروموٽ ڪرڻ وارا ڪيترائي ماڻهو آهن ۽ هاڻي ان ۾ نئون نالو ”مسٽر پرفيڪشنسٽ“ سڏرائيندڙ عامر خان جو به شامل ٿي ويو آهي. عامر خان نون اداڪارن لاءِ ٽوئٽر تي خاص ٽوئيٽ به ڪيا. هن لکيو ته گپي ۽ ٽينا کي هندي سئنيما ۾ پنهنجي پهرين فلم جي لاءِ گھڻيون نيڪ خواهشون. ٽينا چاهي ٿي ته 3 جولاءِ تي رليز ٿيندڙ سندس فلم عامر خان کي پسند اچي، هن چيو ته عامر خان جو هڪ ميسيج به تمام وڏي ڳالهه آهي، هاڻي اميد آهي ته اسان سندس اميدن تي پورا لهنداسين. ٻئي طرف گپيءَ به عامر خان جي ٽوئيٽ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته عامر منهنجي لاءِ احترام لائق آهي. هُن پاران ٽوئيٽ ڪرڻ سندس وڏي دل جو ثبوت آهي. فلم ”سيڪنڊ هينڊ هسبينڊ“ ۾ بالي ووڊ جو مشهور اداڪار ڌرمينڌر، پنهنجي زماني جي مسهور اداڪارا رت اگني هوتريءَ کان سواءِ گيتا بسرا جھڙا فنڪار به موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *