گوسڙو ملازم کاتي تي عذاب آهن، سندن خاتمي تائين سک سان نه ويهندس: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بلديات کاتي مان گھوسٽ ملازمن کي ڪڍي ئي ساھ کڻنداسين. عدالت پاران اسٽي آرڊر کان پوءِ به اسان جي مهم بند يا ختم نه ٿيندي. صوبي ۾ سالن کان پکيڙيل گند هفتن يا مهينن ۾ ختم نه ٿيندو ان مهم کي سالن تائين جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ جيستائين صوبي کي صاف سٿرو نه ڪنداسين ۽ ادارن ۾ موجود گند صاف نه ڪنداسين اسان سک سان نه ويهنداسين. آءُ سپرمين ناهيان جو سموري صوبي جو گند ڪجهه ڏينهن ۾ کڻي وٺان. صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي ۽ گذريل ڏيڍ سال ۾ شايد هڪ رات  به اهڙي ناهي جڏهن لياري ۾ آپريشن نه ڪيو ويو هجي. پوليس رينجرز ۽ امن امان جي بحالي وارن ادارن کي مڪمل فري هينڊ ڏنو ويو آهي ۽ وزير اعليٰ سنڌ صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن ڪينٽ استيشن ڪراچي جي ٻاهران صفائي مهم ۾ حصو وٺڻ بعد ڪينٽ اسٽيشن تي وڻڪاري مهم جي تحت ٻوٽو لڳائڻ  کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو، ايم ڊي واٽر بورڊ قطب الدين شيخ، ڊي ايس ريلوي نثار ميمڻ، ڊپٽي ڊي ايس ريلوي شعيب عادل، ميٽروپوليٽن ڪمشنر ڪراچي مسعود عالم، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ روبينه آصف، ڊائريڪٽر پارڪس نياز سومرو، ايڊمنسٽريٽر سائوٿ افضل زيدي، محمد رئيسي، محمد عاصم کا علاوه اعليٰ آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. صوبائي وزير ڪچرو کڻدڙ مشين تي پاڻ ويهي ڪچرو کنيو ۽ ٻوٽو لڳايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اها مهم عوام سان ڪيل واعدي مطابق سمورو سال جاري رهندي ۽ ضرورت پئي ته ان کي ڪئي سالن تائين جاري رکيو ويندو. هن چيو ته اسان هن صوبي کي صاف ۽ سرسبز ڪرڻ ۽ امن بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالھ تي شديد افسوس آهي ته اسان بلديات کاتي مان اربين روپيا پگھارون کڻڻ باوجود به ڪم نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو پلان بڻايو ۽ سمورن ملازمن کي سنڌ بئنڪ ۾ کاتا کولرائڻ جي هدايت ڪئي پر عدالت ان تي 15 اپريل تائين استي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسان عدالت ۾ ان جو جواب به ڏينداسين پر اسان اهڙن سمورن گھوسٽ ملازمن جو خاتمو ڪري ساهه کڻنداسين. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آءُ اڄ به ان ڳالھ کي تسليم ڪريان ٿوته 100 سيڪڙو صفائي نه پئي ٿئي پر اسان وسيلن ۽ سالن کن موجود گند صاف ڪرڻ جي جنهن مهم ۾ آهيون ان جو ثمر عوام جي سامهون اچڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ انشاءالله اسان صوبي ۾ موجود سموري گند سان گڏوگڏ کاتن ۾ موجود گھوسٽ ملازمن کي به ختم ڪنداسين. هن چيو اسان ان مهم جي آغاز تي واضع ڪيو هو ته يا ته آءُ کاتي ۾ موجود سمورو گند صاف ڪندس ۽ ان جو ثمر عوام تائين پهچائيندس ۽ جيڪڏهن ان ۾ ناڪام رهيس ته بلديات جي وزارت تا استعفيٰ ڏئي ڇڏيندس ۽ اڄ به ڳالھ تي قائم آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بابت غلط افواهون پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهي ڪامياب نه ٿيندا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ضرور ايندو ۽ هن ملڪ ۽ ان جي سياست سنڀاليندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان سپرمين ناهيان جو سموري صوبي جو سالن جو گند چند ڏينهن ۾ صاف ڪري وٺان. جيڪي ملازم پگھارون وٺي رهيا آهن اهي ڪم جيڪڏهن نه ڪندا ته نوڪري تي نه رهندا. هن چيو ته مان ان ڳالھ کي به تسليم ڪريان ٿو ته ڪجھ عنصر اسان جي صفائي مهم ۽ گھوسٽ ملازمن کي ڪڍڻ جي حوالي سان رنڊڪون بڻجي رهيا آهن ۽ اهي نٿا چاهين ته گھوسٽ ملازمن جو خاتمو ٿئي پر مان اهو عهد ڪيو آهي ته چاهي ڪجھ به ٿي پئي عدالت کان اسٽي آرڊر اچي يا ڪا به ٻئي رڪاوٽ هجي مان انهن جو خاتمو ڪري ئي ساھ کڻندس. اسان جي نيت صاف آهي ۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جون مشڪلون آسان ٿي وينديون. ڪراچي ۾ جاري دهشتگردن خلاف آپريشن ۽ ان حوالي سان ٻين سياسي جماعتن جي خدشن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردي خلاف آپريشن پوري سنڌ ۾ جاري آهي ۽ اهو ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين اسان هن صوبي کي انهن دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز۽ ڀتي خورن کان پاڪ نٿا ڪري وٺون، ان آپريشن ۾ اسان جي پوليس ، رينجرز ۽ امن امان جي بحالي وارا ٻيا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ وزير اعليٰ سنڌ پاران کين ان سلسلي ۾ مڪمل فري هينڊ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مان اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالھ جو عزم ڪريان ٿو ته جيستائين مان هن صوبي جي عوام کي بلدياتي سهولتون انهن جي در تائين نه پهچائيندس ۽ هن شهر ۽ صوبي ۾ قبضن ، گند ۽ گھوسٽ ملازمن جو خاتمو نه ڪندس ان وقت تائين سک سان ويهندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *