گوسڙو ملازمن جو زوال شروع، ڪم نه ته پگهار به نه: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد (بيورو) اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مدرسا قابل احترام آهن پر اتي موجود شرپسندن خلاف قدم کنيا ويندا، صوبي مان وال چاڪنگ ختم ڪئي ويندي، ڏوهارين کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪا به هارس ٽريڊنگ ناهي ٿي، پيپلز پارٽي ۾ ڌڙا بندي واريون ڳالهيون ختم ٿي چڪيون آهن، گوسڙو ملازم جلد فارغ ڪيا ويندا، سنڌ ۾ ڪجهه عرصو اڳ شروع ڪيل صفائي مهم ۽ وڻڪاري واري مهم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪراچي مان 23 ڊسمبر کان شروع ڪيل اها مهم هاڻي سڄي سنڌ ۾ جاري آهي. شروعاتي طور اها مهم هڪ هفتي لاءِ شروع ڪئي وئي هئي پر پوءِ ان جا بهتر نتيجا ڏسندي ان کي هڪ سال تائين جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار شرجيل انعام ميمڻ آچر ڏينهن اڳوڻي ضلعي ناظم آفيس ۾ هڪ اهم گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ لک 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي سمورن لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز ۽ ميونسپل آفيسرن کي اڄ گڏجاڻي ۾ گهرائي اهو ٻڌايو ويو آهي ته بهتر نموني ڪم ڪيو وڃي ۽ جنهن به ڪم ۾ ڪوتاهي ڏيکاري ته ان کي فارغ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪيترن ئي ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ ڀرتي ڪيل سوئيپرن مان ڪيترائي ڪم نه ڪري رهيا آهن اهي سمجهي وڃن ته تمام جلد فارغ ٿيڻ وارا آهن. هن ٻڌايو ته اداري جي شفافيت کي بحال رکڻ لاءِ سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ کوليا ويا آهن جنهن تحت بايوميٽرڪ طريقي سان ڊيوٽي جي پابند ملازمن کي پگهارون ڏنيون وينديون ۽ جيڪو به ملازم اڪائونٽ نه کولرائيندو ته ان جي پگهار بند ڪئي ويندي ۽ اهو طريقو ڪراچي ۽ حيدرآباد جيئان سڄي سنڌ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته پهرين مارچ کان هڪ اهڙو سسٽم شروع ڪيو ويو آهي ته اداري ۾ هڪ رپيو به خرچ ٿيو ته اهو ويب سائيٽ تي رکيو ويندو ۽ خريداري واري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ خريداري واريون پرچيون پڻ ويب سائيٽ تي رکيون وينديون ته جيئن سڄي دنيا جا ماڻهو سنڌ جي مڪاني اداري بابت شفافيت جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيون پيا. گوسڙو ملازمن کي هر حال ۾ ڊيوٽي ڪرڻي پوندي نه ته اهي فارغ ڪيا ويندا. هاڻي يا گوسڙو ملازم رهندا يا هو پاڻ رهندو. هر چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، مقصد اهو آهي ته جيڪا به سرڪاري رقم خرچ ٿئي اها شفاف نموني خرچ ٿي سگهي. هن چيو ته هر شخص جي خواهش هوندي آهي ته سمورا اختيار هن وٽ هجن پر هن سمورا اختيار ٽي ايم ايز کي ڏئي ڇڏيا آهن. ڪمشنر ڪراچيءَ سميت سمورن عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هر مهيني اڪائونٽ چيڪ ڪيا وڃن. هن بڌايو ته هن عمل بعد حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪروڙين رپين جي بچت ٿي آهي. عوام جو سهڪار گهرجي ۽ اميد اهي ته ڪجهه عرصي ۾ سمورو سسٽم بهتر ٿي ويندو. هن چيو ته جڏهن ٽي ايم ايز کي خبر پوندي ته انهن جي چيڪ اينڊ بيلنس ٿي رهي آهي ته اهي بهتر نموني ڪم ڪندا. هاڻي عوامي پيسو ڪو به عملدار غلط نموني ڪڍائي نه سگهندو. هن چيو ته ان مهم ۽ اداري کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪار جيڪو پيسو ڏئي ٿي اهو 100 سيڪڙو صحيح نموني خرچ ڪيو ويندو ۽ پوءِ جي ضرورت پئي ته سنڌ حڪومت کان اضافي مدد ورتي ويندي. اداري ۾ سزا ۽ جزا وارو عمل شروع ڪيو ويندو. قادر پٽيل جي رحمان ملڪ بابت بيان تي هن چيو ته جمهوريت ۾ هر ماڻهو کي حق حاصل آهي، سندس خواهش آهي ته سمورا معاملا پارٽي پليٽ فارم تي حل ڪيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ سينيٽ چونڊن دوران ڪا به هارس ٽريڊنگ نه ٿي آهي، ماضيءَ م به فنڪشنل کي 10 ميمبرن عيوض اتحاد عيوض هڪ سينيٽ جي سيٽ ڏني وئي هئي. هن چيو ته (ن) ليگ جي ڪجهه ميمبرن پ پ پ ۽ ڪجهه ميمبرن فنڪشنل اميدوار کي ووٽ ڏنا. بيلٽ باڪس مان پرچون ملڻ پروپيگنڊه آهي. هن چيو ته پارٽي ۾ ڌڙا بنديءَ واريون ڳالهيون هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن ڇو ته سينيٽ چونڊن م پ پ پ جو 100 سيڪڙو ووٽ پارٽي اميدوارن کي مليو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ پ پ پ جو ڪارنامو هو پر تنهن هوندي به اڃا تائين سنڌ کي جائز حق نه ملي رهيو آهي. صوبي ۾ امن امان بحال رکڻ لاءِ پگهارون وڌايون ويون آهن ۽ شهيدن لاءِ وظيفي ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته صوبي ۾ امن امان جي سلسلي ۾ ٻيو ته ٺهيو پر صرف هٿيارن جي مد ۾ مدد ڪئي وڃي پر وفاقي حڪومت طرفان ڪيل واعدا وفا نه ٿيا پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. اتر سنڌ سميت ڪراچي، حيدرآباد ۾ به ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. وڏو وزير صوبي ۾ امن امان لاءِ ذاتي طور دلچسپي وٺي رهيو آهي. رينجرز ۽ پوليس کي فري هينڊ ڏنو ويو آهي. ٽارگيٽ آپريشن وڌ کان وڌ لياري ۾ ٿئي پيو جتي پ پ پ جو وڏو ووٽ بئنڪ آهي. تنهن هوندي به سنڌ حڪومت ڏوهارين خلاف ايڪشن جي سلسلي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهي آهي جيڪو بهترين حڪمراني جو چٽو ثبوت آهي. هن چيو ته امن امان 25 کان 30 سالن جو معاملو اهي ۽ ايتري عرصي جو گند ڪچرو، هٿيارن جا ذخيرا ختم ڪرڻ لاءِ وقت کپي. نيت صاف آهي سمورا شهري برابر آهن. صرف فرق ڏوهاري ۽ پرامن شهرين ۾ ڪرڻو آهي، ڏوهارين کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪيو ويندو. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت غيرقانوني طور سنڌ ۾ رهندڙ پناهگيرن جون گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن. لائوڊ اسپيڪر جي غيرقانوني استعمال ۽ وال چاڪنگ خلاف ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هدايتون ڏنيون ويون آهن ته هر قسم جي وال چاڪنگ ڊاهي وڃي جڏهن ته چڙ ڏياريندڙ تقريرن تي ڪيترائي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. مدرسا قابل احترام آهن. پر اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته جيڪي مدرسا ڄاڻي واڻي دهشتگردي ڏانهن راغب ڪرڻ وارو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتي فورسز تي حملا ڪرڻ جي ترغيب ڏني پئي وڃي انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو پر اهو ايڪشن مدرسن خلاف نه پر اتي موجود شرپسندن خلاف هوندو. هن چيو ته سنڌ ۾ موجود ايپيڪس ڪاميٽي جنهن جا ميمبر ڪور ڪمانڊر ڪراچي، وڏو وزير، گورنر ۽ ڊي جي رينجرز آهن انهن تي مڪمل نموني ڪم ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *