گورننس بهتر بنائڻ لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي چيو آهي ته گورننس بهتر بنائڻ لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي سومر تي صدر عارف علوي جي صدارت هيٺ سمارٽ سٽيز پروگرام تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري، چيئرمين هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ آءِ ٽي ايڪسپرٽ شرڪت ڪئي صدر چيو ته گورننس بهتر بنائڻ لاءِ موجوده شهرن کي سمارٽ شهرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي گورننس، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ هٿرادو ذهانت ۽ ڊيٽا سائنس ڪتب آڻي زندگي جو معيار بهتر ڪري سگهجي ٿو ڊجيٽل انقلاب شهرين جي زندگين کي بهتر بنائڻ جو هڪ بي مثال موقعو آهي هن چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جي مدد سان شهرين کي وڌيڪ موثر، پائيدار ۽ جامعه سهولتون فراهم ٿي سگهنديون هن چيو ته پاڪستان جي شهرن ۾ سمارٽ ٽيڪنالوجي جي مدد سان شهرين کي زندگي جو بهتر معيار ۽ سيڪيورٽي حاصل ٿيندي ٻڌايو ويو ته سمارٽ شهر اڏڻ لاءِ ماهرن جي هڪ ٽيم جوڙي ويئي آهي خاص شعبن ۾ تحقيق ۽ ترقي لاءِ قومي مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، نائيجيريا دهشتگردي روڪٿام لاءِ جديد ترين ٽيڪنالوجي ڏيڻ تي نيشنل ريڊيو ٽيليڪميونيڪيشن ڪارپوريشن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *