گورنر پنجاب جي وزير اعظم سان ملاقات، دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيا پيا وڃن. وزير اعظم نواز شريف سان اسلام آباد ۾ پنجاب جي نئين مقرر گورنر  رفيق رجوانه ملاقات ڪئي، جنهن دوران امن امان جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر رفيق رجوانه وزير اعظم کي آگاهي ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ قومي ايڪشن پلان تحت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. وزير اعظم نواز شريف چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ڪيو ويندو، ڪنهن کي بيگناهه شهري کي مارڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *