گورنر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران ملير ۾ پل جو افتتاح

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان، وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير بلديات شرجيل انعام ميمڻ ٿڌو نالي ملير تي تعمير ٿيندڙ پل جو افتتاح ڪيو ۽ علائقي جو تفصيلي معائنو ڪيو ان موقعي تي ميٽروپوليٽن ڪمشنر سجاد حسين عباسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا پروجيڪٽ جي حوالي سان ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلديا عظميٰ ڪراچي تقريبن 13 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان ان منصوبي کي 9 مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو آهي جنهن سان ميمڻ ڳوٺ سميت ملير ۽ ٻين علائقن جي لکين ماڻهن کي سهولت حاصل ٿي وئي آهي جن جو شهر سان رابطو برسات دوران ٿڌي نالي ۾ پاڻي وڌڻ سبب ڪٽجي ويندو هو انهن کي پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ کوکرا پار يا سپر هائي وي ڏانهن اچڻو پوندو هو جنهن سبب انهن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن جو سفر طئي ڪرڻو پوندو هو نالي تي تعمير ٿيڻ سان 110 ميٽر طويل هن پل سان ڳوٺن جي عوام جو شهر سان رابطو ممڪن ٿي ويو آهي ان موقعي تي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه هدايت ڪئي آهي ته ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستي کي ٻه طرفو بڻائڻ لاءِ منصوبه بندي ڪئي وڃي هنن وڌيڪ چيو ته ندي تي ٺهيل پراڻن رستن کي به بحال ڪري انهن جي مرمت ڪئي وڃي ته جيئن ٽريفڪ جي گذر ۾ وڌيڪ آساني ٿئي هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستي تان جهاڙيون فوري طور صاف ڪيون وڃن ۽ رستي جي پيوند ڪاري جي ڪم کي فوري مڪمل ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *