ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڱاري ڏينهن شام جو سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ جاري صورتحال، ترقياتي معاملن، امن امان قائم رکڻ ۽ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي کنيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي.گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر ۽ وڏي وزير صوبي ۾ سڀني طبقن ۾ ڀائيچاري کي زور وٺائڻ،گڏيل حڪمت عملي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن امن امان جي قيام لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، پيشيور ڏوهاري عناصر خلاف بنافرق ۽ دٻاءُ جي ڪاررواي ۽ ڪيسن کي تيزيءَ سان حل ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عيدالاضحيٰ کان اڳ ۽ ان بعد صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي نظام کي وڌيڪ فعال ۽ انٽيليجنس رابطن کي اثرائتو رکڻ تي زور ڀريندي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايت ڪئي ته حساس هنڌن تي نگراني وارين ڪيميرائن وسيلي نگراني ۽ گشت ۾ اضافو ڪري امن امان کي يقيني بڻايو وڃي. گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ واپاري ۽ سماجي سرگرمين جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ترقياتي رٿائن کي مقرر وقت تي مڪمل ۽ عوام کي سفري سهولتن جي فراهمي به يقيني بڻائي وڃي شهر ۾ صفائي مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ شاهراهن جي آسپاس قائم حددخليون ختم ڪري ڪراچي شهر جي خوبصورتي کي وڌيڪ نکاريو وڃي. هنن چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ، امن امان جو قيام، روزگار جي وسيع موقعن جي فراهمي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي. حڪومت پنهنجي محدود وسيلن ۾ رهندي عوام کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪندي ان ڏس ۾ سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هنن چيو ته ڪراچي ۾ فرقيواراڻي سازش کي عالم سڳورن جي سهڪار سان ناڪام بڻائينداسين. هنن چيو ته ميڊيا عوام ۾ شعور بيدار ڪيو آهي، هاڻ ڪنهن به سازش کي عوام آساني سان سمجهي وڃي ٿو، عوام کي پنهنجي آسپاس موجود هر شخص تي ڪرڙي نظر رکڻي پوندي ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي يا فرد جي موجودگي جو اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏنو وڃي ته جئين انهن عنصرن کي چٿيو وڃي.